شڪارپور (رپورٽر)  ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن  جج شڪارپور مشتاق احمد ڪلوڙ جي عدالت پاران گناهه نمبر 2021/60 تحت عبدالڪريم پٽ عبدالحميد پهوڙ ويٺل ڳڙهي ياسين کان 2 ڪلو چرس برآمد ٿيڻ جي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 4 سال 6 مهينا قيد جي سزا ۽ 20 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي، ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار کي 5 مهينا وڌيڪ سزا ڀوڳڻي پوندي.