شڪارپور(رپورٽر) ضلعي ڪائونسل شڪارپور جو اجلاس الحاج غوث بخش مهر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال ۾ ٿيو، اجلاس جي صدارت چيئرمين ضلعي ڪائونسل ذوالفقار علي خان ڪماريو ڪئي، ميمبرن نصرالله دل، تقي عباس ڪماريو، آصف علي خان پٺاڻ، حماد الله ڄامڙو، غلام مصطفيٰ جوڻيجو، ليڊيز ڪائونسل ميمبر صنم، تهمينا سولنگي ۽ ٻين ميمبرن ڪائونسل ۾ ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياءَ تي جيڪي تڪراري 6 ڪئنال ڪڍيا ٿا وڃن انهن جي اسان ڪائونسل ۾ به ۽ ٻاهر به انهن جي سخت لفظن ۾ مخالفت ٿا ڪريون ۽ ڪاريون پٽيون ٻڌي اڄ اجلاس ۾ وفاق کان مطالبو ٿا ڪريون ته جلد از جلد انهن تڪراري 6 ڪئنالن کي رد ڪري ۽ ان تي جيڪو ڪم هلي رهيو آهي ان کي فوري طور اتي بند ڪيو وڃي، ۽ وزير اعظم شهباز شريف کان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌي قوم کان فوري طور معافي وٺي،  ڪائونسل جي ميمبرن چيو ته سنڌو درياءُ اسان جو جياپو آهي، جيڪڏهن ڪئنال ٺهيا ته سنڌ سُڪي تباهه ٿي ويندي، زمينون بنجر ٿي وينديون. هنن چيو ته ڪڻڪ جي اگهه نه مقرر ڪرڻ سبب هاري، آبادگار، زميندا سخت پريشاني هال ۾ گذارن پيا ۽ انهن جا خرچ به پورا نه ٿا پون. چيئرمين ضلعي ڪائونسل شڪارپور سردار ذوالفقار علي ڪماريو چيو ته ڪڻڪ جو اگهه بابت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور سان ملي ڪري واپارن سان گڏجاڻي ڪنداسين.