شڪارپور (رپورٽر) ضلعي ڪائونسل شڪارپور جو اجلاس، اسرائيل خلاف مذمتي قرارداد منظور، تفصيل موجب ضلعي ڪائونسل شڪارپور جو اجلاس ضلعي چيئرمين ذوالفقار علي ڪماريو جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ اسرائيل خلاف مذمتي ۽ مختلف ترقياتي اسڪيمن بابت قراردادون يڪراءِ سان منظور ڪيون ويون، اجلاس ۾ ميمبرن عبدالسلام انڙ، نصرالله دل، امجد لھر ۽ ٻين چيو ته اسرائيل فلسطين تي ظلم ڪري رهيو آهي، جيڪا کليل دهشتگردي آهي، اسرائيل فلسطينين جي اسپتالن، اسڪولن ۽ گهرن تي بمباري ڪري معصوم ماڻهن جو قتلام ڪري رهيو آهي، هنن چيو ته ٻهراڙين ۾ صفائي سٿرائي، نالين جي کوٽائي ۽ سولر سسٽم نه هجڻ سبب مختلف مسئلا پيش اچن ٿا، هنن چيو ته ٻهراڙين ۾ صفائي سٿرائي هر روز جي بنياد تي ڪرائي وڃي ته جيئن مختلف بيمارين کان بچي سگهجي، شھاب ڀيو چيو ته ترقياتي ڪمن لاءِ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبرن کي هڪ هڪ ڪروڙ ۽ ريزرو ميمبرن کي 20-20 لکن جون ترقياتي اسڪيمون ريزرو ميمبرن سان نا انصافي آھي، ھن چيو ته هو ميمبر آھن انھن کي به ھڪ ھڪ ڪروڙ ڏيڻ گھرجي، ضلعي چيئرمين چيو ته شڪارپور جي خدمت جو موقعو مليو آهي مان ڪوشش ڪندس ته ضلعي کي خوبصورت بڻايان.