شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروھي)  شڪارپور ضلعي اندر بلدياتي چونڊن جو پھريون مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد پ پ توڙي پ پ مخالف جماعتن جي ڊي اي، جي يو آءِ ۽ جتوئي گروپ ضلعي ڪائونسل چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ لاء ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڇڏي آھي. پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي ۽ اڳوڻي ضلعي صدر مير بابل ڀيو پنھنجي ويجھي ساٿي شھاب خان ڀيو کي ضلعي چيئرمين چونڊرائڻ لاء پ پ ليڊيز ونگ جي مرڪزي اڳواڻ فريال ٽالپر ۽ وزير اعليٰ سنڌ سان ملاقاتون ڪري آيو آهي. جنھن بعد ضلعي چيئرمين شپ ڀيو ڀائرن ۽ وائيس چيئرمين شپ ڪمارين حوالي ٿيڻ جا امڪان آھن، ڪمارين پارن اڳوڻو ضلعي نائب ناظم تقي عباس ڪماريو مضبوط اميدوار آهي. ٻئي طرف پ پ مخالف جماعتن ۾ جي ڊي اي ايم اين اي غوث بخش خان مھر، ايم پي اي شھريار خان مھر وٽ 55 مان 12 ضلعي ميمبر ۽ جتوئي ۽ جي يو آءِ وٽ به 12 ميمبرن آهن. ھن مھل تائين پ پ کانسواء اپوزيشن جماعتن پنھنجو گڏيل توڙي اڪيلي سر به ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاء اميدوار سامھون ناهي آندو. شڪارپور ميونسپل ڪاميٽي جي 30 وارڊن مان 28 وارڊن ۾ پ پ توڙي ان جي حامين ڪاميابي حاصل ڪئي ھئي، باقي ٻن وارڊن تي جي يو آءِ پنھنجا ڪائونسلر ڪامياب ڪرايا. شڪارپور ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ لاء اڳوڻي صوبائي وزير مقبول احمد شيخ جو پٽ فياض محمود شيخ ۽ شھيد الله بخش سومرو جو پوٽو عقيل عباس سومرو آمھون سامھون آهن. مليل ڄاڻ موجب پ پ ضلعي صدر وفاقي وزير نجڪاري مير عابد ڀيو ايم اين اي آفتاب شعبان ميراڻي شڪارپور ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين شپ جي ٽڪيٽ اڳوڻي چيئرمين عقيل عباس سومرو کي ڏيارڻ جي لاء پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زردار ۽ ٻين پارٽي قيادت سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آھن. جڏھن ته توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ ۽ اڳوڻو صوبائي وزير مقبول احمد شيخ پاران ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ لاء فياض محمود شيخ کي ٽڪيٽ ڏيارڻ لاء سرگرم ٿي ويا آھن. ذريعن موجب پ پ ايم اين آفتاب شعبان ميراڻي پارٽي چيئرمين آڏو موقف اختيار ڪيو آھي ته ايم پي اي جي سيٽ، صوبائي وزارت ۽ گذريل ٻن سالن کان وٺي ميونسپل ڪاميٽي جي ايڊمنسٽريٽر شپ شيخ ڀائرن وٽ آھي جڏھن ته ھن وقت چيئرمين شپ سومرا ڪميونٽي حوالي ڪئي وڃي. ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور جي وائيس چيئرمين شپ لاء ايم اين اي عابد حسين ڀيو ۽ اگوڻو ايم پي اي بابل ڀيو جي حمايت يافتا آپا نگھت منگي ۽ شمشاد ميمڻ جڏھن ته صوبائي وزير امتياز احمد شيخ جي ڀاء پ پ اڳواڻ مقبول احمد شيخ پاران وائيس چيئرميني لاء خالد حسين شيخ جن جا نالا گردش ڪري رھيا آھن.