شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور ۾ لکي جي ڳوٺ شاھ قلعي پور جي رهواسي اڳوڻي ڊي ايچ او شڪارپور ۽ ايم ايس سول اسپتال سکر ڊاڪٽر ذوالفقار ابڙو احتجاج ڪندي چيو ته يوسي رڪ جو چيئرمين بشير ابڙو، اشرف ابڙو، شريف خروس ٿاڻي جو پوليس وائرليس آپريٽر سلطان سولنگي حراس ڪري جاني ۽ مالي نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ۽ لکين روپيا ڀتو گهري رهيا آهن،نه ڏيڻ جي صورت ۾ جاني نقصان ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته مان 20 گريڊ جو رٽائرڊ ملازم آهيان، سروس دوران ڪابه شڪايت نه ٿي، نوٽيس وٺي بليڪ ميل ڪندڙ ٽولي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.