شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروھي) بروھي-سندراڻي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، ڳڙھي ياسين موڙ اڇي مسجد وٽ ڪورٽ کان واپس ويندڙ ڪار مٿان هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، ٻن ڀائرن سميت 4 ڄڻا قتل، شڪارپور جي نيو فوجداري ٿاڻي جي حد ڳڙهي ياسين موڙ تي اڇي مسجد وٽ اڻڄاتل هٿياربندن ڪار تي انڌها ڌند فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ ڪار سوار ٻن ڀائرن سميت چار ڄڻا موقعي تي ئي مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ ڪار جو ڊرائيور رسول بخش مارفاڻي، نور محمد سندراڻي، نظام احمد سندراڻي ۽ آدم سندراڻي شامل آهن، سندراڻي برادري سان تعلق رکندڙ ٽي ڄڻا جن مان ٻه ڀائر ۽ هڪ ڀاڻيجو شامل آهن، پوليس موجب مارجي ويل سندراڻي برادري جا ماڻھو شڪارپور جي عدالت مان پيش ٿيڻ کانپوءِ واپس پنهنجي ڳوٺ شادي خان سندراڻي طرف وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن سندن ڪار تي حملو ڪيو، جنھن ۾ 4 ئي ڄڻا موقعي تي مارجي ويا، فائرنگ کانپوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ ۽ خوف جو ماحول ڇانئجي ويو آهي، پوليس موجب واقعو سندراڻي -بروھي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي دشمني جو نتيجو آھي، سندراڻي برادري جي ماڻھن لاش رکي ٽول پلازا وٽ احتجاج ڪيو ۽ پاڻ مرادو احتجاج ختم ڪري پوليس سان گڏ لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، سندراڻي برادري جي ماڻھن ٻڌايو ته واحد بخش بروھي ڌر سان ڦر جي مامري تي جھيڙو شروع ٿيو ھو، اسان جا 4 ڄڻا اڳ ۾ ماريا ويا ھئا ۽ اڳ ئي اسان جو فيصلو به ٿيل ھو، پر هاڻي وري بروهي برادري جي هٿياربندن حملو ڪري سندن بيگناهه نوجوانن کي قتل ڪيو ويو آھي.
موٽرسائيڪل ڦر تان شروع ٿيل تڪرار ۾ 10 ڄڻا مارجي چڪا
شڪارپور: موٽرسائيڪل ڦر جي مامري تي شروع ٿي ويل سندراڻي-بروھي تڪرار تان ٻن واٽھڙن سميت 10 ڄڻا گولين جو کاڄ بڻجي ويا آھن، سندراڻي بروھي تڪرار تان مارجي ويلن ۾ نور محمد سندراڻي، نظام احمد سندراڻي، آدم سندراڻي، ڪار جو ڊرائيور رسول بخش مارفاڻي، اڪبر سندراڻي، علي حسن سندراڻي، مامل عرف محمد بخش بروھي، واٽھڙو فرمان چنو سميت ڏھه ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن.
بروهي-سندراڻي تڪرار جي جرڳي ۾ في خون 25 ۽ چڱي مڙس جي خون بها 50 لک مقرر ٿي هئي
شڪارپور: بروهي ۽ سندراڻي تڪرار جو جرڳو ايم پي اي امتياز شيخ جي شڪارپور هائوس تي 29 سيپٽمبر 2024ع تي ٿيو، ٻنهي ڌرين تي مجموعي طور 1 ڪروڙ 91 لک رپيا چٽي وڌي وئي، جنهن ۾ في خون جي قيمت پنجويه لک رپيا جڏهن ته بروهي برادري جي چڱي مڙس محمد بخش بروهي جي خون جي بها 50 لک مقرر ڪئي وئي هئي، بروهي ڌر تي چار خون ثابت ٿيڻ تي هڪ ڪروڙ 91 لک رپيا ڏنڊ جڏهن ته سندراڻي ڌر تي بروهي برادري جا ٻه خون ثابت ٿيڻ تي 80 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، مجموعي طور خون ۽ ڌرن ۾ پاڙڻ بعد31 لک رپيا بروهي ڌر سندراڻين ڌر کي ڏيڻا ھئا، فيصلي بعد ٻنهي ڌرين فيصلو قبول ڪري ورتو ھو ۽ ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون ھيون فيصلي کي هڪ سال به نه ٿيو وري جهيڙو ڀڙڪي پيو جنهن ۾ اڄ 4 ڄڻا ٻيا قتل ٿيا.
شڪارپور ۾ امتياز شيخ هائوس تي سال اڳ 6 خونن جو جرڳو ٿي چڪو، عمل نه ٿي سگهيو
شڪارپور: جھيڙي ۾ ٻنھي ڌرين جي مارجي ويل 6 ڄڻن جو ايم پي اي امتياز احمد شيخ جي شڪارپور ھائوس تي 8 مھينا اڳ ۾ جرڳو به ڪيو ويو ھو، جنهن ۾ مارجي ويل مامل بروهي جي خون جي بها 50 لک مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته باقي في خون جي بها 25 لک رکي وئي هئي، شڪارپور ھائوس تي ٿيل جرڳو هڪ سال به برقرار نه رهي سگهيو.
4 ڄڻا قتل جو نوٽيس: ايس ايس پي شڪارپور کان رپورٽ طلب
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) شڪارپور ضلعي جي ٿاڻي نيو فوجداري جي حد هاءِ وي روڊ تي اڇي مسجد ڀرسان سندراڻي ۽ بروهي ذات جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ قتل ٿي ويل 4 ڄڻن نور محمد سندراڻي، نظام الدين سندراڻي، مٺل سندراڻي ۽ رسول بخش مارفاڻي واري واقعي جو ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سختيءَ نوٽيس وٺندي ايس ايس پي شڪارپور سان رابطو ڪري واقعي جي رپورٽ طلب جهيڙي واري علائقي ۾ وڌيڪ پوليس نفري موڪلڻ ۽ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.