شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور اسپتال ۾ ڊاڪٽر ۽ ٻيو غملو ڊيوٽين تان غيرحاضر، مريض علاج جي لاءِ دربدر، ان حوالي سان نئين آيل ڊپٽي ڪمشنر شڪيل احمد ابڙو اوچتو آر بي يو ٽي سول اسپتال جي وارڊن جو دورو ڪيو، جنهن ۾ ٻارن جو وارڊ، الٽرا سائونڊ، ٽي بي ۽ ٻيا وارڊ گھميا، ڊي سي جي دوري دوران ڪيترائي ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو غائب ھو، جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر ڪاوڙ جو اظهر ڪندي چيو ته اسپتال ۾ مريض بيحال آهن، بجلي به بند آهي، هن ڊاڪٽرن کي هدايت ڪئي ته غريب مسڪين ماڻھن جو ڪجهه احساس ڪيو ۽ جيڪو اسٽاف غير حاضر آهي انهن جي خلاف سخت قدم کنيا وڃن.