شڪارپور(رپورٽر) عوامي شڪايتن بعد شڪارپور جي آر بي يو ٽي سول اسپتال تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عنايت الله ڀٽو ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪيل احمد ابڙو دورو ڪيو، دوري دوران اسپتال ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ تي جج ۽ ڊي سي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو، قهر جي گرمي باوجود اسپتال ۾ بجلي بند هئي ۽ جنريٽر به غير فعال هيو، داخل مريضن دانهن ڪندي جج ۽ ڊي سي کي ٻڌايو ته اسپتال ۾ نه دوائون آهن، نه ئي مناسب علاج جون سهولتون ميسر آهن، اسان کي دوائون به ٻاهران وٺڻيون پون ٿيون، ڊي سي شڪيل احمد ابڙو، اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ايم ايس ڊاڪٽر عبدالشڪور قريشي کان پڇاڻو ڪندي چيو ته سول اسپتال شڪارپور جي سالياني بجيٽ 17 ڪروڙ رپيا آهي پوءِ به هتي سهولتون نه آهن، بجيٽ آخر وڃي ڪٿي ٿي؟ مريضن کي ٻاهران دوائون وٺڻ تي ڇو مجبور ڪيو پيو وڃي، ان موقعي تي ڊي سي ايم ايس کي سخت ڇنڊ پٽيندي لکت ۾ وضاحت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ايم ايس عبدالشڪور قريشي صفائي پيش ڪندي چيو ته کيس عهدي تي اچي صرف ٻه مهينا ٿيا آهن ۽ کيس مڪمل صورتحال جي ڄاڻ ناهي.