ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سيشن ججن جون بدليون، سنڌ هاءِ ڪورٽ شڪارپور جي سيشن جج عنايت الله ڀٽو کي بدلي ڪري سيشن جج بدين مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته مٽياري جي سيشن جج عبدالڪريم انصاري کي بدلي ڪري سيشن جج شڪارپور مقرر ڪيو ويو، آهي، انسپيڪشن ٽو جي ميمبر صدف کوکر کي سيشن جج مٽياري مقرر ڪيو ويو آهي