نيويارڪ(انٽريسٽنگ نيوز) پکي پکڻ آخر ڇو بجلي جي تارن تي ويهڻ پسند ڪندا آهن ۽ انهن کي ڪرنٽ ڇو نه ٿو لڳي، سائنسدانن موجب بجلي تارن ۾ ڪاپر وائر هوندو آهي جڏهن هڪ پکي تار تي ويهندا آهن ته انهن جا ٻئي پيرهڪ هنڌ موجود هوندا آهن جنهن جي ڪري اليڪٽرونز پکين جي جسمن مان نٿا گذرن جڏهن اليڪٽرون جسم نه ٿا گذرن ته ڪرنٽ به نه ٿو لڳي، پکين کي ته سائنسي علم ناهي پر انهن جي تارن تي ويهڻ جا سبب مختلف ٿين ٿا، سردين جي موسم ۾ بجلي جي تارن ۾ پکين جو تعداد وڌيڪ ويهي ٿو، سائنسدانن موجب پاڻ کي شڪار ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ به پکي تارن تي وڃي ويهن ٿا، ٻيو ته تارن کي ترجيح ڏيڻ جو هڪ سبب خوراڪ جي تلاش به ٿئي ٿي، پکين کي پري پري تائين پنهنجي غذا ڪيڙا، ميوا ۽ ٻيو ڪجهه ڏسڻ لاءِ ملي ٿو. ڪجهه سائنسدانن جو خيال آهي ته پکي تارن تي ان ڪري ويهندا آهن ته جيئن انهن کي هڪٻئي سان ملڻ جو موقعو ملي سگهي، خاص ڪري اهي جيڪي هڪ کان ٻئي هنڌ هجرت ڪندا رهندا آهن.