ممبئي ( اسپورٽس نيوز ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جا مقابلا جاري آهن ڀارتي ٽيم پنهنجي پهرين ميچ 8 آڪٽوبر تي آسٽريليا خلاف کيڏندي. اطلاع آهن ته ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي پهرين ميچ کان اڳ ڀارتي ٽيم جو ان فارم بيٽر ڊينگي بخار ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب، ڀارتي اوپننگ بيٽر شڀمن گِل جي ڊينگي ٽيسٽ مثبت آئي آهي جنهن سبب سندس آسٽريليا خلاف ميچ ۾ شرڪت شڪي ٿي وئي آهي.