ڪراچي/ لاهور/ اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ/ نمائندا) پاڪستان تحريڪ انصاف جي تڏا ويڙهه شروع ٿي وئي آهي ۽ پارٽي جي مک اڳواڻن پارٽي ڇڏڻ جو ۽ ڪجھه اڳواڻن سياست ئي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري، مسرت جمشيد سندس مڙس جمشيد، جليل شرقپوري، فياض الحسن چوهاڻ ۽ ٻين پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هيل تائين پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ اڳواڻن جو تعداد 40 کان مٿي ٿي چڪو آهي. ٻئي پاسي ڪراچي جي تڪ پي ايس 126 تان چونڊيل پي ٽي آءِ جي ايم پي اي عمر عماري پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪراچي مان ئي پي ٽي آءِ جي ٻئي ايم پي اي بلال احمد غفار به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ٽوئيٽر تي استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪندي هن چيو ته 12 سالن جي جدوجهد کان پوءِ پارٽي ڇڏيان پيو، ڪنهن ٻي پارٽي ۾ به ڪم نه ڪندس. مسرت جمشيد چيما ۽ سندس مڙس جمشيد چيما جي وڪيل ٻڌايو ته هنن پارٽي ڇڏي ڏني آهي، جلد ان جو اعلان ڪندا. پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪندي شيرين مزاري چيو ته امڙ جي صحت جي ڪري سياست ڇڏي رهي آهيان، اڄ کان منهنجو پي ٽي آءِ سميت ڪنهن به سياسي پارٽي سان ڪو تعلق ڪونهي. هن چيو ته 9 ۽ 10 مئي وارن واقعن جي مذمت ڪريان ٿي. هن چيو ته گذريل ڏهن ٻارهن ڏينهن کان مون کي اغوا ۽ آزاد ڪيو ويو، جنهن ڪري منهنجي طبيعت خراب ٿي وئي آهي. منهنجڌيءُ ايمان مزاري کي خاص طور تي آزمائش مان گذرڻو پيو. ان کان سواءِ اڳوڻي صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهو اهلان هن نيوز ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته آئون پي ٽي آءِ ۾ عمران خان جو ميڊيا بابت ايڊوائزير هئس. اڄ اعلان ڪيان ٿو ته پي ٽي آءِ 9 مئي تائين پهتي ته عمران خان سان ان معاملي ۾ اسان سڀني سمجھايو، کيس چيو ته سياست ادارن خلاف نه ڪرڻ گھرجي. رياست سان ٽڪرائڻ سٺو ناهي، 9 مئي واقعن تي ڏاڍو ڏکويل آهيان. هن چيو ته مون جڏهن پارٽي عهدي تان استعيفا ڏني هئي ته ٻئي ڏينهن مون لاءِ زمان پارڪ ۽ بني گالا جا دروازا بند ٿي ويا. گذريل هڪ سال کان پارٽي ۾ ڪناري تي هئس. فياض چوهاڻ چيو ته اسان عمران کي سمجھايو ته تشدد جي پاليسي ڇڏي ڏيو، رياست سان ٽڪرائڻ بدران پنهنجي سياسي جدوجھد ڪريو.هن چيو ته جيڪي چوندا هئا نيب نيازي ڳٺ جوڙ جو الزام هڻندڙن به ڪڏهن رياست سان ٽڪر ناهي کاڌي. هن چيو ته پارٽي ۾ مراد سعيد، اعظم سواتي، علي امين گنڊاپور ۽ ٻيا سڀ کان مقبول آهن.اهي ۽ اهڙا ٻيا ماڻهو عمران خان کي فوج خلاف صلاحون ڏيندا هئا. هن چيو ته 9 مئي واقعن تي پاڪستان جا 24 ڪروڙ عوام جي دل ڏکي آهي. هن چيو ته آئون گرفتار ٿيس ته عمران خان هڪ ڀيرو به منهنجي لاءِ هڪ به ٽوئيٽ نه ڪئي. مون عمران خان لاءِ گھر تباهه ڪيو، سڄو خاندان تباهه ٿيو، ڀائٽيا، ڀاڻيجا گرفتار ڪيا ويا. عمران خان کي شيرين مزاري ۽ ٻيا ته ياد آيا پر فياض چوهاڻ ياد نه آيو، عثمان ڊار کان وڌيڪ منهنجي گھر ۾ تباهي آندي وئي. پر خان صاحب کي ياد نه آيس. هن ڊگهي ڪانفرنس کان پوءِ پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هاڻي پي ٽي آءِ سان منهنجو ڪو تعلق ڪونهي. ملڪي سياست ۾ شامل رهندس پر پي ٽي آءِ سان واسطو نه رهندو. هن چيو ته هاڻي شاهه محمود قريشي، اسد عمر، چوڌري پرويز الاهي ۽ ٻين سان ملاقات ڪندس، پوءِ گڏجي ملڪ لاءِ ڪو لائحه عمل طئي ڪنداسين. هن چيو ته اسين نئين پليٽ فارم ملڪ جي خدمت ڪنداسين. ٻن ٽن مهينن تائين سڄي صورتحال واضح ٿي ويندي. فياض چوهاڻ چيوته پهرين اسان کي چيو ويو ته آمريڪا سازش ڪئي آهي، ان خلاف آواز اٿارڻو آهي. پوءِ چيو ويو آمريڪا خلاف ناهي ڳالها؟ڻو. هاڻي وري هڪ آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر سان ڳالهه ٻولهه ليڪ ٿي آهي. هن چيو ته عمران خان کي خوش ڪرڻ لاءِ فواد چوڌري، عاليه حمزه، شيرين مزاري ۽ ٻيا کيس فوج مخالف صلاحون ڏيندا هئا. هن چيو ته ترجمانن کي چيو ويندو هو فوج مخالف بيانيو تيار ڪيو وڃي، پهرين مئي تي ريلي پريڪٽس طور تي رکي وئي ته فوجي آفيسن ڏانهن رُخ ڪيو، 6 مئي تي عمران خان جي حڪم تي ڪچهري چوڪ تي ريلي رکي وئي، واثق قيوم، عمر تنوير کانسواءِ اڳواڻن کي رضامند ڪيو ته مريڙ پل ڪراس ناهي ڪرڻي، واثق قيوم کي ڊائريڪٽ ميسيج آيو ته جي پي او چوڪ پهتو. 12 مئي تي عمران خان چيو 9 مئي واقعن جي ڪير به مذمت نه ڪري. سندس چوڻ هو ته 14 مئي تي زوم ميٽنگ ۾ ٻاهرين ايجنڊا کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، 70 آمريڪي ڪانگريس ميمبرن جي لابي ڪرڻ جو پتو ٿيو ته ڌڪ رسيو، فوج ۽ پاڪستان سان محبت اڄ نه پر شروع کان هئي ۽ آهي. فياض الحسن چوهاڻ واضح چيو ته مان سياست نه رڳو پي ٽي آءِ ڇڏي رهيو آهيان، صوبي، شهر ۽ پاڪستان جي خدمت جاري رکندس. ٻئي پاسي خانيوال سان تعلق رکندڙ پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر عبدالرزاق خان نيازي پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. عبدالرزاق خان نيازي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪي مفادن خاطر پارٽي ۽ سياست ڇڏي رهيو آهيان. هن چيو ته مون اڄ تائين دٻاءُ قبول ناهي ڪيو، قيادت جي سپورٽ بنا 9مئي جهڙا واقعا نٿا ٿي سگهن. عبدالرزاق خان چيو ته پي ٽي آءِ کي ٽڪيٽ واپس ڪريان ٿو، آئون فوج سان گڏ آهيان. هوڏانهن سيال ڪوٽ مان سليم بريار به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي. پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪندي هن چيو ته 9 مئي واقعن جي سخت مذمت ڪريون ٿا. تشدد ڀرين واقعن سان ملڪ جي بي عزتي ٿي. ٻئي پاسي شاهه محمود قريشي کي راولپنڊي جي جيل مان آزاد ڪيو ويو، اڊيالا جيل مان گرفتار ٿيندي ئي جيئن هو ٻاهر نڪتو ته پنجاب پوليس کيس ٻيهر گرفتار ڪري ورتو. ميڊيا رپورٽن موجب شاهه محمود قريشي کان سواءِ مسرت جمشيد چيما ۽ سندس مڙس جمشيد چيما کي به آزاد ڪيو ويو، پر انهن کي به ٻيهر پنجاب پوليس گرفتار ڪري ورتو. ميڊيا رپورٽن موجب عدالت کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. هوڏانهن اهو به معلوم ٿيو آهي ته شاهه محمود قريشي کان مطالبو ڪيو ويو هو ته هو هڪ قسم نامو ڏئي ته اڳتي هو ڪنهن به ملڪ مخالف سرگرمي ۾ شامل نه هوندو، جنهن تي شاهه محمود قريشي ڪافي دير سوچ ويچار کان پوءِ صحيح ڪري قسم نامو جمع ڪرايو، جنهن تي عدالت کيس آزاد ڪرڻ جوحڪم ڏنو هو پر آزاد ٿيندي ئي پنجاب پوليس کيس اڊيالا جي ٻاهران گرفتار ڪري ورتو. ان موقعي تي شاهه محمود قريشي چيوته هو تحريڪ انصاف ۾ هو، آهي ۽ اڳتي به رهندو. هوڏانهن خديجه شاهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي. لاهور ۾ خديجه شاهه کي گرفتار ڪيو ويو،جڏهن ته هڪ خانگي ٽي وي چينل جو چوڻ آهي ته خديجه شاهه پاڻ گرفتاري ڏني آهي، هن سي آءِ اي اقبال ٽائون ٿاڻي تي ملڪ لياقت کي پنهنجي گرفتاري پيش ڪئي. مٿس جناح هائوس ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏيڻ جو ڪيس آهي. ڪافي وقت کان روپوش هئي ۽ گرفتاري ڏيڻ جو اعلان به ڪري چڪي هئي. خديجه شاهه اڳوڻي آرمي چيف آصف نواز جنجوعه جي ڏوهٽي ۽ اڳوڻي ناڻي وزير سلمان شاهه جي ڌيءُ آهي.