شڪارپور/ سکر (نمائندن وٽان) شهيد سينيئر صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس جي مک جوابدار شيرو مهر کي پوليس پاران مارڻ جي دعويٰ وارو معاملو، سرڪاري مدعيت ۾ مارجي ويل شيرو مهر سوڌو 17 سڃاتل ۽ پنج اڻ سڃاتلن سميت 23 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ايف آءِ آر ۾ جوابدار شيرل عرف شيرو مهر پنهنجي ئي ساٿي جوابدارن جو فائر لڳڻ سبب مارجڻ جو انڪشاف، تفصيل موجب شهيد سينيئر صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس جي مک جوابدار شيرو مهر جي مارجڻ واري معاملي جو ڪيس شڪارپور ضلعي جي بچل ڀيو ٿاڻي تي سرڪار پاران ايس ايچ او عبدالستار بروهي جي فرياد تي مارجي ويل شير محمد عرف شيرل مهر سميت 17 سڃاتل جوابدارن 5 اڻ سڃاتلن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ نصر قادراڻي جتوئي، ياسين جتوئي، حفيظ جتوئي، سليمان جتوئي، وحيد جتوئي، اسماعيل عرف عيسو جتوئي، مجاهد جتوئي، نادر جتوئي، شوڪت جتوئي، عزيز عرف اجو جتوئي، ظهير، بنگل جتوئي، لطف الله جتوئي کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شهيد صحافي جان محمد مهر هاءِ پروفائيل قتل ڪيس جو مک جوابدار شيرو مهر پنهنجي انعام يافته ڏوهاري هٿياربند ساٿين سان گڏ بيٺل هئڻ جو ڳجهو اطلاع مليو، پوليس پارٽي جي پهچڻ تي ڊيوٽي اٽڪاءُ ڪندي هٿياربندن پوليس مٿان سڌي فائرنگ ڪئي، فائرنگ دوران شيرو مهر پنهجي ساٿي جوابدارن جو فائر لڳڻ سبب مارجي ويو، ايف آءِ آر مطابق شهيد جان محمد مهر قتل ڪيس جي مک جوابدار شيرو مهر کي کاٻي پاسي آر پار هڪ گولي لڳل هئي، پوليس جي فائرنگ کانپوءِ ڌاڙيل فرار ٿي ويا ۽ اسان شيرو مھر جو لاش تحويل ۾ ورتو، واضع رهي ته گذريل ڏينهن پوليس جوابدار شيرو مهر کي ڊرون حملي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.