شيخ ڀرڪيو(ن پ ا) شيخ ڀرڪيو لڳ هوسڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام حسين سريوال جي رهواسين جو شيخ ڀرڪيو حيدرآباد روڊ تي جهڻ موري وٽ ڌرڻو هڻي پنج ڪلاڪن لاءِ روڊ بند ڪري ڇڏيو. مظاهرين مختيار سريوال اسلم سريوال مير محمد سريوال ۽ ٻين جو چوڻ هو ته فجر مهل پٻڻ پوليس سميت وڏن پوليس جي اٽالن ڳوٺ تي چڙهائي ڪري عورتن مردن کي تشدد جو نشانو بڻايو آهي هنن چيو پوليس جي تشدد ۾ اسان جا ٻه همراه محسن سريوال غلام قادر سريوال زخمي ٿيا پيا جڏهن ته پوليس هڪ زخمي سميت ڇهن ڄڻن جن ۾ غلام فاروق سريوال احسان سريوال ظهير احمد سريوال محمد اڪرم سريوال صدام علي عتيق احمد کي پاڻ سان کڻي وئي آهي، هنن چيو ته پوليس بنا جواز گهرن تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪيو آهي هنن چيو ته اسان جا گرفتار همراهه آزاد ڪري ڳوٺ تي چڙهائي ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي هوسڙي پوليس ٻڌايو ته چڙهائي خيرپور پوليس ڪئي آهي، جتي ڪنهن ناري جي اغوا جو ڪيس درج آهي اسان چڙهائي ناهي ڪئي، ڊي ايس پي رحيم چانڊيو مظاهرين سان ڳالهيون ڪري مظاهرين کي خاطري ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو مظاهرين چتاءُ ڏنو ته همراهه آزاد نه ٿيا ٻيهر ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪيو ويندو.