شيخ ڀرڪيو(ن پ ا) شيخ ڀرڪيي ۾ ڳوٺ علي بخش ٽنگڙي جي رهواسي عورتن  مسمات شبيران ٽنگڙي مسمات شمشيرا ٽنگڙي شمعا ٽنگڙي زيب النساء ٽنگڙي ۽ ٻين گلاب لغاري پوليس پوسٽ هنڱورا تي مقرر ٿيل اهلڪار علي لغاري ۽ ٻين خلاف احتجاجي امظاهر ڪيو. هنن دانهيو ته پوليس پوسٽ هنڱورا جي پوليس اهلڪارن  اسان جي نوجوانن جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي اسان جي نوجوانن تي ڪوڙا ۽ من گهڙت ڪيس درج ڪيا پيا وڃن پوليس اهلڪار چون ٿا ته منشيات وڪرو ڪري کيس منٿلي ڏيو. هنن جو چوڻ آهي ته اسان غريب آهيون مزدوري ڪري پيٽ گذر ٿا ڪيون اسان منشيات نٿا هلائڻ نٿا چاهيون جنهن تان اهلڪارن اسان جي نوجوانن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن هنن ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته پوليس پوسٽ هنڱارو جي اهلڪارن علي لغاري ۽ ٻين خلاف ڪارروائي ڪري کين انصاف ڏياريو وڃي.