شيخ ڀرڪيو (رپورٽ: ايم رفيق ٿهيم ) شيخ ڀرڪيي ڀرسان مڙس مبينا طور گھرو اڻبڻت تي زال کي قتل ڪري آپگھات ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ شيخ ڀرڪيو جي ڳوٺ شاهنواز شاھ ۾ ڳوٺ ٻاهران ڦٽين جي چونڊ ڪندڙ 20 ورهين جي ناري صنم بهليم کي 25ورهين جي مڙس غلام رسول بهليم بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي شيخ ڀرڪيو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال ٽنڊو محمد خان منتقل ڪيو پوليس پاران جوابدار جي ڳولا ڪئي وئي ته جوابدار جو لاش ڳوٺ ٻاهران بيٺل ڪمند جي فصل ۾ وڻ ۾ ٽنگيل هٿ آيو جتي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال ٽنڊو محمد خان منتقل ڪيو جتان ڪاغذي ڪاروائي بعد زال مڙس جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. شيخ ڀرڪيو پوليس موجب نوجوان غلام رسول يتيم آهي جنهن جا ماءَ پي فوت ٿي چڪا آهن. غلام رسول بهليم لاهور ۾ ڪنهن فيڪٽري اندر ڪم ڪندو هو ٻنهي جي هڪ سال اڳ شادي هئي جيڪو هڪ هفتو اڳ ڳوٺ آيو هو جنهن انتهائي قدم کڻندي زال کي قتل ڪري پاڻ به خودڪشي ڪئي آهي ايس ايڇ او شيخ ڀرڪيو جو چوڻ آهي ته وڌيڪ واقعي جي پوليس جانچ ڪري پئي وارثن جو چوڻ آهي ته واقعو گهرو اڻبڻت تان پيش آيو آهي جڏهن ته هڪ ئي گهر مان ٻه لاش کڄڻ تي علائقي ۾ سوڳ ڇانيل آهي