ٽنڊومحمدخان/شيخ ڀرڪيو(رپورٽر+ ن پ ا) شيخ ڀرڪيي ويجھو موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. ان ڏس ۾  شيخ ڀرڪيو ويجهو پٻڻ پوليس پوسٽ جي حد موري شاخ وٺ ٻن موٽرسائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ممتاز لغاري ۽ ڌڻي بخش لغاري فوت ٿي ويا جڏهن ته ظهير شاھ سخت زخمي ٿي پيو زخمي ۽ فوتين کي پوليس جي مدد سان سول اسپتال حيدرآباد  منتقل ڪيو ويو جتان ڪاغذي ڪاروائي بعد فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا فوتين جو تعلق گلاب لغاري سان ٻڌايو پيو وڃي جيڪي حيدرآباد کان پنهنجي ڳوٺ گلاب لغاري طرف وڃي رهيا ته حادثو پيش آيو