شيخ ڀرڪيو(ن پ ا) شيخ ڀرڪيي لڳ ڳوٺ مولان ۾ پورهيتن جي ڪکاون گهرن کي باھ سبب چئن پورهيتن جا گهر اله تله سميت سڙي رک ٿي ويا. ان ڏس ۾ شيخ ڀرڪيو لڳ ڳوٺ مولان ۾ بروهي برادري جي گهرن کي اوچتو باھ لڳي وئي جنهن سبب چئن پورهيتن هاشم بروهي حيات بروهي قاسم بروهي حسن بروهي جا گهر سڙي رک ٿي ويا گهرن ۾ پيل بسترا اناج کٽولا سڙي رک ٿي ويا متاثرين جو چوڻ آهي پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ ٿا تو آندو آهي تيز هوا سبب باھ وسائڻ ۾ ڏکايون پيش آيون جنهن سبب گهر سڙي رک ٿي ويا آهن باھ متاثرين تڪ جي ايم پي شرجيل انعام ميمڻ سميت وس وارن کان واهر جي اپيل ڪئي آهي