شيخ ڀرڪيو (ن پ ا)  شيخ ڀرڪيو ۾خچر شاخ جي پوڇڙ جي آبادگارن وزير احمد هاليپوٽو، توفيق دائوداڻي ذوالفقار اُڍيجو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو.اڳواڻن ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته خچر جي پوڇڙ ۾ پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي، فصل سڪي ويا آهن، چوپائي مال لاءِ پيئڻ جو پاڻي ناهي.هنن چيو ته دڪاندارن کان لکين روپيه قرض کڻي فصل پوکيا آهن پاڻي نه اچڻ ڪري اسان قرضي ٿي ويا آهيون. هنن چيو ته  ايس ڊي او خچر شاخ پوڇڙي جو پاڻي پئسن عيوض منڍ جي آبادگارن کي وڪرو ڪيو ويٺو آهي اسان ڪافي ڀيرا دانهيو آهي پر اسان جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي