شيخ ڀرڪيو (ن پ ا) شيخ ڀرڪيو ڀرسان پورهيت جي گهر کي باھ ،سوزوڪي، موٽرسائيڪل ۽ گهر ۾ پيل سامان سڙي رک، ڳوٺ الهڏنو  لاشاري ۾ پورهيت مهر علي لاشاري جي گهر کي باھ لڳي وئي، باھ لڳڻ سبب پورهيت جي گهر ۾ پيل سمورو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو، متاثر پورهيت وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي سندس واهر ڪئي وڃي.