راولپنڊي(م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي صدر ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد 9 مئي سانحي ۾ گرفتار سمورن ماڻهن کي عام معافي ڏيارڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته آئون سمورين مائرن ڀينرن جو ٿورائتو آهيان جن جي دعائن سان اٽڪل 40 ڏينهن جي چلي بعد مون کي آزادي نصيب ٿي. هن چيو ته مون کي خبر نه آهي ته مون چلو ڪهڙي جاءِ تي ڪيو پر مون کي چلي دوران ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ڏني وئي. هاڻ منهنجي زندگي جو مشن انهن سمورن ماڻهن کي جيڪي روپوش آهن يا لڪل آهن يا جن کان 9 مئي جي غلطي ٿي آهي يا جيڪي بيگناهه جيلن ۾ قيد آهن انهن کي عام معافي ڏيارڻ آهي. سڄي قوم ان پرامن مشن ۾ منهنجي ٽوئٽر تي منهنجو ساٿ ڏئي. هن چيو ته مون ڪڏهن به پنهنجي ٽوئيٽر تي اپيل نه ڪئي آهي پر اڄ پهروين ڀيرو اپيل ڪري رهيو آهيان ته 9 مئي جي غلطي جن ماڻهن کان ٿي آهي انهن جي عام معافي جي مشن۾ منهنجو ساٿ ڏيو. هن چيو ته سومر کان پنهنجي ان مشن جي شروعات ڪري رهيو آهيان قوم جي دعائن جي ضرورت آهي انشاءَ الله ڪاميابي اسان جا قدم چمندي ۽ الله اسان کي مائرن ڀينرن ڌيئرن جي دعائن جي صدقي هن مشن ۾ ضرور ڪامياب ڪندو.