ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) گهرو مامرن جي وفاقي وزير شيخ رشيد سنڌين جي سڃاڻپ ڪارڊن جي حوالي سان ڏنل بيان تي معافي وٺي ڇڏي. وفاقي گھرو وزير رشيد چيو آهي ته منهنجي زبان ترڪي وئي هئي، منهنجي چوڻ جو مطلب اهو هو ته سنڌ ۾ بنگالين، بهارين ۽ برمين جي سڃاڻپ ڪارڊن جو مسئلو آهي، جيڪو منهنجي سطح کان مٿي جو مسئلو آهي. هن چيو ته زبان ترڪڻ سبب سنڌي چئي ويس، هن چيو ته سنڌي منهنجا ڀائر آهن، انهن هي ملڪ ٺاهيو آهي، سندن ڪلچر زبردست آهي، منهنجي غلطي سبب سنڌين جي دل آزاري ٿي آهي، آئون معافي وٺان ٿو. ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي ترجمان بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته شيخ رشيد لساني تضاد کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش آهي، مقامي ماڻهن جي شناختي ڪارڊ جو معاملو اٿارڻ وفاقي سرڪار جي هڪ شرمناڪ حرڪت آهي. هن چيو ته صدين کان آباد سنڌين جي سڃاڻپ ڪارڊ تي پابندي وفاقي حڪومت جو فتور آهي انڊس ويلي جا ماڻهو چونڊيل حڪمرانن جي ظلم کي برداشت نه ڪندا. هن چيو ته شيخ رشيد شاهه کان وڌيڪ شاهه جو وفادار بڻجي رهيو آهي. هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شيخ رشيد جي بيان تي رد عمل ۾ چيو ته وزير اعظم عمران خان ڪير ٿيندو آهي؟ جيڪو اهِو فيصلو ڪري ته ڪير پاڪستاني آهي ۽ ڪير ناهي؟ عمران خان جنهن ملڪ جو وزير اعظم آهي، شيخ رشيد جنهن ملڪ جو گهرو وزير آهي، اهو ملڪ اڄ سنڌ جي ڪري آهي، پاڪستان جيڪڏهن اسلامي رياست آهي ته اها سنڌ جي ڪري آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ باب الاسلام آهي. بلاول چيو ته شيخ رشيد سڃاڻپ ڪارڊ بابت بيوقوفاڻو ۽ غير ذميواراڻو بيان ڏنو آهي، جاچ ٿيڻ گهرجي ته شيخ رشيد کي اهڙي قسم جو بيان ڏيڻ جِي ضرورت ڇو پئي؟