شيخ اياز سنڌ جي شاعري جو سج

0
55
شيخ اياز سنڌ جي شاعري جو سج

  شيخ اياز سنڌ جو جديد شاعر آھي، شاھ لطيف کان پوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ مڃتا ماڻيندڙ شاعر آھي، ھو پنهنجي دور جي ھم اثر شاعرن کان وڌيڪ سگهارو آھي،20هين صدي جو وڏو شاعر آھي.

                 ھن جي شاعري سنڌي غزل کي نئون روپ ڏنو، ھن فارسي روايتن مان غزل جي جند آجي ڪرائي ۽ سنڌي غزل کي نئون آسمان ڏنو جنهن ستارن سان جڳمڳ ٿي چمڪڻ شروع ڪيو.

                 شيخ اياز پنهنجي شاعري جو آغاز اردو شاعري کان ڪيو، ھن اردو شاعري تي ڪتاب لکيا ھتي مان ھڪڙي ڪتاب جو نالو لکان ٿو“ دنيا ساري خواب” پر اھا مڃتا ڪونه ملي اياز کي جيڪا ملڻ کپي ھا ان ڪري ھن سنڌي شاعري ڪئي ۽ ان کي موٽ ملي. ان ڪري اسان کي سمجهڻ گهرجي ته ھميشه پنهنجي مادري ٻولي کي ترجيح ڏيون.

شيخ اياز جي شاعري سنڌ ۾ نئين دور جي آمد ھئي جيڪو مزاحمت ۽ انقلاب جي سرن سان ڀريل آھي.

شيخ اياز جي شاعري سنڌ لاءِ روشني جيان آھي. اسان کي اياز جي شاعري ۾ مزاحمت، ڏک، سک، محبت، انسان دوستي ملي ٿي.

او انسان!

او انسان!

ڪنهن کي ٿو مارين!

ھي ماڻهو جو ٻچڙو آھي،

ڪونپل کان ڀي ڪچڙو آھي!

جتي شيخ اياز جي شاعري انسان دوستي جو ثبوت ڏئي ٿي اتي انقلاب لاءِ واٽ به ڏسي ٿي،مان چوندو آھيان ته لطيف سائين مزاحمت، جماليات، فڪر فن جو سونهن جو سمنڊ آھي ته اتي شيخ اياز درياھه جي مثال آھي. ايئن ئي اياز پنهنجي شاعري ۾ ھن سماج کي خراب ڪوٺي ٿو ۽ انقلاب جي ڳالهه ڪري ٿو.

انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب ڳاءِ

ڌوڏ هن سماج کي

لوڏ سامراج کي، ٺاھه سو نئون نظام

جو چڱو چئي عوام

هي نظام آ خراب، انقلاب!

انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب ڳاءِ

ڳاءِ ڳاءِ نوجوان

جيئن زمين آسمان

جي کلي پئي زبان

زندگي اُٿي چئي، انقلاب! انقلاب!

انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب ڳاءِ

هن جي شاعري ۾ انقلابيت ، مزاحمت سان گڏوگڏ محبت جو ساگر سمائل آھي، شيخ اياز لکي ٿو ؛

مکڙي مکڙي جي مک تان، بس چميون وتيون سي چار

پرين اسان جو آھي سڀ سان پوپٽ وارو پيار.

اڏري اڏري ٿڪجي پوندين، ڪنهن سان تنهنجو پيار!

چنڊ نه ڪنهن جو يار پکيئڙا، چنڊ نه ڪنهن جو يار!

ڪونجو! ترسو ترسو، اڏران مان به اوھان جي سنگ

پنهنجو پنهنجو ديس بڻايون، دنيا مان ٿي تنگ.

اياز شناسي جي حوالي سان اسان کي اهو سمجھڻو پوندو ته شيخ اياز ڪهڙي دور پس منظر مان اڀري ٿو.

خاص ڪري ون يونٽ جي وقت شيخ اياز مقبولت ماڻي ۽ باغياڻي شاعري ڪئي، شاعري کي وقت ۽ حالتون پيدا ڪنديون آھن ان وقت ۾ اهڙيون حالتون هيون جو ماڻھن جي زندگي جنجال هئي ۽ پاڪستان جون سڀئي سياسي تحريڪون  ميدان تي هيون ۽ ان وقت شيخ اياز جي باغياڻي شاعري هڪ روشني جي مثال هئي ۽ هن نوجوان نسل تي تمام گهڻو اثر ڇڏيو.

سھندو ڪير ميار او يار

سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو

ڪٿي ته ٻجھندي، ڪٿي ته ٻجھندي، لڇي لڇي ھي لاٽ

ڪٿي ته کٽندي، ڪٿي ته کٽندي، وڃي وڃي ھي واٽ

سائين جامي چانڊيو لکي ٿو،  جيترو ان دور ۾ سنڌ ۾ شيخ اياز جي شاعري جو اثر  رهيو ، اهو ئي سبب هو جو رياست هڪ شاعر کان ايترو خائف رهيءَ هو ساهيوال ۽ سکر ۾ ڪاٺ ۾ به رهيو.

پوءِ ستر جي ڏهاڪي ۾ هن جي شاعري ۾ وجوديت يا فرد جي ويڳاڻپ جي فڪر جو لاڙو وڌيڪ حاوي نظر اچي ٿو ان جي نظمن مان اها خبر پئي ٿئي هو ان وقت ۾ ڪوهين ڏور هليو ويو آھي.

سائين جامي چانڊيو ٻئي هنڌ لکي ٿو؛ ايئن اسي جي ڏهاڪي ۾ جمهوريت پسندي ۽ پوءِ آخري دور ۾ روحانيت پسنديءَ ۽ تصوف جو لاڙو شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ اُڀري آيو جيڪو سنڌ جي روشن خيال ۽ ترقي پسند حلقن وٽ بيحد تڪراري پڻ بڻيو. رسول بخش پليجي، تاجل بيوس ۽ مون سميت ڪيترن اديبن ۽ ادبي نقادن مٿس تنقيدي مضمون لکيا.

اياز شناسي کي هڪڙي مضمون ۾ سمائي نٿو سگهجي ، هاڻي ڳالھه ڪجي ته شيخ اياز  جي شاعري  تي سڀ کان گهڻو اثر لطيف سائين جو هو.

ڊاڪٽر فياض لطيف لکي ٿو ؛ شاھه لطيف جهڙي عظيم شاعر ۽ دانشمند جي موجودگيءَ ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ جاءِ ٺاھڻ ۽ هڪ الڳ مقام حاصل ڪرڻ ، شيخ اياز جو نه فقط وڏو ڪارنامو آھي پر سندس مهان ڏاتار هجڻ جي گواهي به آھي ، ڀٽائي سنڌي شاعري ۾ فڪري ۽ فني جماليات جو سوجهيو آھي ۽ اياز انهي جي جر ۾ جاٽون هڻي ڪجھه ھيرا ۽ جواهر کڻي آيو آھي.