شيخ اياز جي ھائيڪن جي وسيع دنيا

0
41
شيخ اياز جي ھائيڪن جي وسيع دنيا

 شيخ اياز جي شخصيت بنھ وسيع آھي. ادب ۾ ٻه ئي شعبا ٿيندا آھن ھڪ نثر ٻيو نظم. شيخ اياز جو ڪمال اھو آھي ته ھن نثر توڙي نظم ٻنھي شعبن ۾ نه فقط لکيو آھي پر مھارت سان لکيو آھي. شيخ اياز جو نثر ھڪ الڳ موضوع آھي، ان تي وري ڪڏھن لکبو پر ھن جي نظم يا شاعري جي ڳالھ ڪجي ته شاعريءَ جي سڀني صنفن تي کيس عبور حاصل آهي. شاعريءَ جي شايد ئي ڪا اھڙي صنف ھجي، جنھن ۾ شيخ اياز نه لکيو ھجي، ڀلي اھو غزل ھجي، وائي، گيت، بيت، ترائيل، ھائيڪا، ٽه سٽا، ڏيڍ سٽا يا ڇھ سٽا. ھونئن ته شيخ اياز جا غزل تمام گھڻا مشھور آھن پر سندس ھائيڪا به اھم حيثيت والارين ٿا. شيخ اياز جي ڪمال جو ھڪ مثال ڏسو ته 1984 جي ھڪ ئي سال ۾ پنج ڪتاب شايع ٿيا اٿس، جن منجھان ھائيڪن جون ڪتاب “پن ڇڻ پڄاڻان” به ھڪ ھو. ھائيڪن جو ٻيو ڪتاب “مينھن ڪڻيون” 1999ع ۾ شايع ٿيو. شيخ اياز ھزار کان مٿي ھائيڪا لکيا آھن.

ھائيڪو جاپاني صنف آھي، جنھن ۾ عام طور تي منظر ڪشي ڪئي ويندي آھي. جيئن ڪو فوٽوگرافر ڪا ھڪ تصوير ڪڍندو آھي، تيئن شاعر به لفظن جي روپ ۾ ھڪ تصوير ٺاھي آڏو رکندو آھي. مثال طور: جاپاني شاعر باشوءَ جو ھڪ مشھور ھائيڪو آھي:

سينواريل تلاءُ

ڏيڏر ڏنو ٽپو

پاڻيءَ جو ڇپڪو

اھو ھائيڪو پڙھندي اوھان اڳيان اھو سڄو منظر ھڪ تصوير وانگر اکين آڏو اچي ٿو وڃي. شيخ اياز ھائيڪي جي صنف ۾ ڪيترائي تجربا ڪيا. ھن نه فقط تصويرن جھڙا ھائيڪا لکيا پر اھڙا ھائيڪا به لکيا، جن ۾ احساس، جذبا ۽ فڪري گھرائي به آھي. وڏي شاعر جو اھو ئي ڪمال ھوندو آھي ته ھو ھڪ ٽرينڊ سيٽر بڻجي نوان گس جوڙيندو آھي. شيخ اياز ھائيڪي جي جھول کي به وسعت ڏني. ھن جا ھائيڪا نظمن جو به ڏيک ڏين ٿا. شاعريءَ جي ھڪ بنيادي خوبي اختصار پسندي ھوندي آھي. شاعري ٿورن لفظن ۾ وڏي ڳالھ ڪرڻ جو نالو آھي ۽ ھائيڪي جي صنف ته خاص پابندي ٿي مڙھي ته سڀ ڪجھ فقط ٽن ننڍين سٽن اندر بيان ڪرڻو آھي. شيخ اياز وڏو مطالعو رکندڙ شاعر آھي، انڪري ھن وٽ اسان کي سڄي دنيا جا ريفرنسز ملن ٿا. جڏھن اوھان شيخ اياز کي پڙھو ٿا ته ڄڻ سڄي دنيا جو ادب پڙھو ٿا، جو اوھان کي ھنڌ ھنڌ سڄي دنيا جي ليکڪن ۽ واقعن جا حوالا ملن ٿا. جيڪا عالمگيريت ڀٽائي وٽ ملي ٿي، ساڳي شيخ اياز وٽ به موجود آھي. دنيا کي ته اسان اڄ گلوبل وليج چئون ٿا پر اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ لکيل انھن ھائيڪن ۾ به اوھان کي عالمگيريت ملي ٿي. نه فقط عالمگيريت پر گڏوگڏ شيخ اياز وٽ روشن خيالي، امن پسندي، محبت، انسان دوستي ۽ انسانيت ملي ٿي. اھو سوال اڪثر ڪيو ويندو آھي ته شاعري اسان کي ڇا ٿي ڏئي. ھڪ شاعر وٽان جيڪڏھن امن پسندي، محبت، دردمندي ۽ انسانيت جھڙن اعليٰ قدرن جو درس ملي ٿو ته ان کان وڏو ادب جو ڪارج ڇا ٿو ٿي سگھي!

عشق تنھنجو اياز! آھ انسانَ سان

ھُو چون ٿا ته تون نانھ  ايمانَ ۾.

مونکي ذاتي طور شيخ اياز جا اھي ھائيڪا وڌيڪ متاثر ڪن ٿا، جيڪي فڪري گهرائيءَ سان ڀريل آھن. جيئن اسان جي سماج ۾ مرده پرستيءَ جو وڏو رجحان موجود ھوندو آھي. ان سڄي پس منظر کي ھن کان وڌيڪ بھتر انداز سان ڪيئن ٿو اظھاري سگھجي.

جيئري جھميلا

سدا ٿيا سنڌ ۾

مئن تي ميلا!

ساڳيو فڪر اياز ٻين ھائيڪن ۾ به لکيو آھي.

* ھي جي پڙ پائن

ڀلا ڪنھن کي جيئري

ڇاتيءَ سان لائن؟

* تڏھن آئين يار

جڏھن ڏٺئه مون مٿان

مٽيءَ تي مينار

شاعر ڏاڍا دور انديش ٿيندا آھن، وقت کان اڳتي ڏسي سگھندا آھن. شاعر تمام ڏاھا به ھوندا آھن، اشارن ۾ سڀ ڪجھ چئي ويندا آھن. جيئن اڄڪلھ مذھبي انتھا پسنديءَ جي ھڪ لھر آيل آھي، ان جو مقابلو به صوفي شاعريءَ سان ئي ڪري ٿو سگھجي، جيئن انور پيرزادي به لکيو آھي ته، مذھبي انتھا پسنديءَ سان توھان پڄي نه سگھندو، انھن سان ڀٽائي، سچل ۽ بلھي شاھ جھڙا ئي مقابلو ڪري ٿا سگھن. اياز به ساڳي ڳالھ ڪري ٿو ته:

* آءُ درازا ھل

تنھنجا سارا مولوي

منھنجو ھڪ سچل

شاعر ھميشه سچ جا طرفدار ٿيندا آھن. سچ ۽ حق کي قبول نه به ڪيو ويندو، تڏھن به ان تي ڪو به فرق پوڻو نه آھي. اياز ڪيڏو وڏو سچ لکيو آھي:

گئليلو کي مار

پوءِ به ڌرتي سج جي

وڃڻي آ چوڌار

وڏن شاعرن جي شاعري تنگ نظري ۽ تعصب کان مٿي ھوندي آھي. ھو نسل پرست نه پر انسان پرست ھوندا آھن.

ماري ٿو ماري

جھڙا سنڌوءَ تي پکي

تھڙا راويءَ تي

شاعر جي حساس دل رت جا دٻا، قتل و غارت ۽ باھيون ڏسي سڙي ويندي آھي. رت جا دٻا ڏسي شاعر جو رت به وھي ٿو پوي.

ڪيڏي رتوڇاڻ

رستا دٻا رت جا

ڪنھن کي ڪنھن جي ڪاڻ

* ڪيڏا ٽاڪوڙا

ڪالھ ايئن ماڻھو مئا

ڄڻ ڪي ماڪوڙا

اھو ته ڇڏيو پر ھڪ حساس شاعر ڪنھن مڇيءَ جي ڦاسڻ تي ايئن تڙپي ٿو پوي.

مٿان منڊ رنو

مڇي ڦاٿي ڄار ۾

ھيٺان سمنڊ رنو

ھڪ باشعور شاعر جي شاعري سڄي سماج جو عڪس پيش ڪندي آھي.

* اچ اچ ڪوڙا يار

سارو جڳ ڪوڙو ميان

توتي ڪوھ  ميار!

* سڃ به اھڙي سڃ

اسين مسافر اڃ ۾

اوتيو پيئون اڃ

نه فقط ھائيڪا پر شيخ اياز جا ٽي سٽا ۽ ڏيڍ سٽا به انتھائي خوبصورت آھن.

ڪويل ڪوڪي ٿي

هاءِ وساڻل آڳ کي

ڪيڏو ڦوڪي ٿي

* ٻيهار به ملنداسين،

ڪنهن دور ستاري تي،

 ٽيهار به ملنداسين!

سنڌ ۾ ڪھڙو اھڙو شاعر ھوندو، جيڪو شيخ اياز جي فڪر ۽ فن کان متاثر نه رھيو ھوندو! جيئن شيخ اياز جي شخصيت وسيع آھي، تيئن سندس ھائيڪن جي دنيا به وسيع آھي.

اي جناب

زندگي ساري گناھ

شاعري ساري ثواب