شيخ اياز جديد سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ بااثر ادبي شخصيت جي حيثيت سان سڃاتو ويندو آهي، جنهن بعد جي ادبي منظرنامي تي گهرو اثر ڇڏيو. سندس شاندار موجودگي بيشمار اثر ڇڏيا آهن، جيڪي کيس هن کان بعد جي ليکڪن لاءِ هڪ معيار بڻائين ٿا. جيتوڻيڪ سندس اثر توڙي جو پوري ننڊ کنڊ ۾ ڀرپور طور محسوس نه ٿي سگهيو ، تنهن هوندي به پوري پاڪستان ۾ ادب ۽ سياست تي هن جو تمام گهڻو اثر آهي، جنهن جا اثر هندستان جي ڪجهه حصن تائين به پکڙيل آهن. قابلِ ذڪر ڳالهه اها آهي ته هن اهو مقام بنيادي طور تي پنهنجي مادري ٻولي، سنڌي ۾ پنهنجي ڪيل ڪم ذريعي حاصل ڪيو، جيتوڻيڪ سندس شروعاتي لکڻيون اردو ۾ هيون.
اياز جا ادبي ۽ دانشورانه حلقن سان لاڳاپا وسيع هئا جنهن ڪري هن کي اردو ليکڪن جو به احترام ۽ تعريف حاصل هئي ،جن ۾ مشهور شاعر فيض احمد فيض به شامل هو، جيڪو هن کي پنهنجن دوستن ۾ شمار ڪندو هو. ڪيترن ئي شاعرن جي برعڪس، جن جا ڪم اڪثر ابهام ۽ تڪرار جو شڪار ٿين ٿا، اياز جي شاعري پنهنجي وضاحت سان نمايان آهي. تنهن هوندي به خاص طور تي 1980 ۽ 1990 جي ڏهاڪي جي هن جي نثري تحريرون ڪيئي تڪرارن کي جنم ڏنو. جڏهن ته شاعري سندس پهرين محبت ۽ بنيادي سڃاڻپ رهي، اياز جون نثري لکڻيون به ساڳي طرح اهم آهن، جيڪو شاندار نثري ادبي آهي ۽ قيمتي بصيرت پيش ڪري ٿو. سندس شاندار ڪم سندس حيثيت کي هڪ ادبي گُروءَ جي حيثيت سان مضبوط ڪيو آهي، انهي ڳالهه کي يقيني بڻايو آهي ته سندس اثر ايندڙ نسلن تائين محسوس ڪيو ويندو.
اياز جي لکڻ ۾ سالن کان وٺي هڪ قابل ذڪر تبديلي آئي. سندس فڪر ۽ فن ٻنهي ۾ وقت سان گڏ ڪيئي تبديليون آيون. 50 ۽ 60 جي ڏهاڪي جي سندس ڪمن کي وڏي پيماني تي سندس شاهڪار سمجهيو ويندو آهي، جيڪو سندس ادبي ڪيريئر جي عروج واري دور جي نشاندهي ڪري ٿو. تنهن هوندي به، سندس بعد جون لکڻيون سندس اڳوڻي عروج جي مقابلي ۾ بتدريج گهٽجندي نظر آيون. جڏهن ته سندس 70 جي ڏهاڪي جي ڪمن ۾ اڃا تائين هڪ جاندار جوهر نظر اچي ٿو، 80 جي آخر ۽ 90 جي ڏهاڪي ۾، سندس پوئين ڪم ۾ اهو طاقتور اثر نه هو. سندس چئن جلدن تي مشتمل آتم ڪهاڻي تقريبن هڪ هزار صفحن تائين پکڙيل آهي، هي وسيع داستان 20 صدي جي سنڌ جي هڪڙي تصوير آھي. سندس آتم ڪٿا ان دور جي ثقافتي، ادبي ۽ سماجي منظرنامي کي واضح طور تي پيش ڪري ٿي. اياز پنهنجون يادگيريون قلمبند ڪندي ٻاروتڻ جي يادون، اسڪول جي ڏينهن ۽ پنهنجي آبائي شهر شڪارپور جي پيار جي قصن کي بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ علائقي جي امير ثقافتي ورثي تي به لکي ٿو.
هن پنهنجي يادگيرين ۾ سکر ۾ گذاريل ڏينهن تي به تفصيلي لکيو آهي جتي ئي هن بطور وڪيل گهڻو عرصو پريڪٽس ڪئي ۽ رشيد ڀٽي جهڙين اهم ادبي شخصيتن سان دوستي واري دور کي به ياد ڪري ٿو. اياز مقامي سنڌين ۽ ‘مهاجرن’ جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کي دردناڪ انداز ۾ بيان ڪري ٿو. اياز جي آتم ڪهاڻي ۾ عالمي ادب جو به تمام گهڻو ذڪر ۽ تجزيو آهي، تنهن کان علاوه فارسي شاعري ۽ ڪجهه اردو شاعرن تي به هن لکيو آهي. هي شاهڪار هڪ ادبي ديومالا جي زندگي ۽ وقت جي هڪ دلچسپ جھلڪ پيش ڪري ٿو. سندس آتم ڪٿا 20 صدي جي سنڌ کي سمجهڻ لاء تاريخي دستاويز آهي. اياز جون لکڻيون سندس همعصرن سان لاڳاپن جي هڪ پيچيده نيٽ ورڪ کي به ظاهر ڪن ٿيون، جنهن ۾ خوشي ۽ ڏک ٻئي شامل آهن.
هو طارق اشرف ۽ تنوير عباسي بابت پنهنجي ڏک ۽ مايوسي جو اظهار ڪري ٿو، پر تنوير عباسي جي هن تي ڪيل مهربانين کي به تسليم ڪري ٿو. ٻي طرف اها ڳالھ به آهي ته ناميارو ناول نگار غلام نبي مغل، طارق اشرف بابت اياز جي بيان ڪيل ڳالهين تي هڪ متضاد نقطه نظر پيش ڪيو آهي. اياز پنهنجي سفرن، خاص طور تي جمال ابڙو، رشيد ڀٽي ۽ ابراهيم جويو سان گڏ ڪيل ٿر جي سفر بابت تفصيلي لکيو آهي. هو ٿر جي امير لوڪ روايتن ۽ گيتن جو تجزيو به ڪري ٿو ته علائقي جي ثقافتي ورثي لاءِ گهري تعريف ڏيکاري ٿو. بهرحال ٿر بابت لکندي ڪٿي ڪٿي جاگرافي ۽ حياتيات بابت پنهنجي مهارت کي ظاهر ڪندي ٻوٽن جي نالن جي فهرست بندي ڪندي تمام گهڻو غير لاڳاپيل تفصيل به لکي ٿو.
اياز جو رشيد ڀٽي ۽ ٻين سان گڏ هندستان جي دوري جو احوال پڻ قابل ذڪر آهي. هو رشيد ڀٽي جي لکيل، واقعن جي بيان کي رد ڪري ٿو، دعويٰ ڪري ٿو ته ڀٽي يا ته ڪجهه تفصيل وساري ڇڏيا آهن يا غلط ياد رکيا آهن. ستم ظريفي اها آهي ته اياز پاڻ رشيد ڀٽي جي روزاني ڊائري تي ڀروسو ڪندي پنهنجي هندستاني سفر بابت ان ڊائري مان اقتباس به ورتا آهن. پنهنجن همعصرن ۾، اياز، جمال ابڙي ۽ ڪجهه حد تائين فيض احمد فيض جي سڀ کان وڌيڪ تعريف ڪري ٿو. ٻي صورت ۾ هن پنهنجن ساٿين سان انصاف نه ڪيو آهي، انهن جي ملاقاتن جا صرف مختصر، هڪ طرفا بيان پيش ڪري ٿو. اهو ذڪر پڙهندڙ کي انهن قابل ذڪر شخصيتن سان سندس لاڳاپن بابت حيران ڪري ٿو.
اياز جو لکڻ وارو ڪيريئر شاندار آهي، جنهن نثر ۽ شاعري جا 60 کان وڌيڪ ڪتاب تيار ڪيا، پر هو اڃا تائين وڌيڪ لکڻ جي خواهش ظاهر ڪري ٿو. هو اهو به ذڪر ڪري ٿو ته هڪ وڪيل جي حيثيت سان پنهنجن تجربن تي غور ڪندي، انهن ڪيسن مان هڪ دلڪش ناول تيار ڪري سگهي ٿو، جيڪي هن وڙهيا هئا. جيتوڻيڪ هو اڳ ۾ ئي وڏي پيماني تي لکي چڪو هو، ان باوجود هن کي اڃا وڌيڪ لکڻ جي تمام گهڻي خواهش رهي. پنهنجي آتم ڪٿا ۾ هو اڪثر افسوس ڪري ٿو ته موت هن کي خاموش ڪري سگهي ٿو ان کان اڳ جو هو پنهنجا خيال ڪاغذ تي رکي سگهي. اياز جي آتم ڪهاڻي سندس زندگي جو هڪ وسيع داستان آهي جنهن جا هن ڏھ جُلد لکڻ پئي چاهيا پر زندگي هن کي چار جلد مڪمل ڪرڻ جي ئي مهلت ڏني ۽ چوٿين جلد جي اشاعت ڏسڻ لاءِ به هو زنده نه رهيو. سندس هي ارادو زندگيءَ جي تجربن کي قلمبند ڪرڻ جي تمنا ۽ هن جي اندر ۾ موجود لامحدود تخليقي صلاحيت کي ظاهر ڪري ٿو. سندس شاندار ادبي پورهئي جي باوجود، اياز جون لکڻيون اڻپوري خواهش ۽ اڻپوري ڪم جو احساس ڏيارين ٿيون. سندس بار بار حوالا جيڪي هو ٻڌائڻ چاهيندو هو، اهي لفظ جيڪي هو لکڻ چاهيندو هو ۽ اهي صفحا جيڪي هو ڀرڻ چاهيندو هو، هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي ظاهر ڪن ٿا جيڪو اڃا به ڪيئي ڪهاڻيون ٻڌائڻ جي شوق ۾ مبتلا آهي. موت جو خوف به سندس لفظن ۽ خيالن کي متاثر ڪندو رهيو. اياز پنهنجي پويان هڪ ورثو ڇڏيو جيڪو اڳتي وڌڻ جو انتظار ڪندو رهيو آهي.
اياز جي آتم ڪهاڻي پنهنجي وسيع دائري جي باوجود هڪ واحد شخصيت جي ئي چوڌاري گهمي ٿي: اهو آهي اياز پاڻ.هي داستان سندس آواز، خيالن ۽ تجربن سان گونجي ٿو، جيڪو اياز جي ئي هڪ گهري تصوير چٽي ٿو. ٻيو غالب موضوع جيڪو بار بار ذڪر هيٺ اچي ٿو اهو آهي: موت جو هر هنڌ موجود ڀوت، جنهن بابت هو وڏي پيماني تي لکي ٿو.
هن پنهنجي سياسي سرگرمين بابت پڻ لکيو آهي، خاص طور تي 1940 کان اڳ ڪميونسٽن سان سندس شموليت بابت. اياز جون لکڻيون سياسي قيدي جي حيثيت سان سندس تجربن، مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي حيثيت سان سندس وقت جو به ذڪر ڪن ٿيون. بهرحال، ڪجهه بيانن جي اعتبار ۽ صداقت تي سوال پيدا ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته هو اڪثر ڪري ٻين جي غلطين تي ڌيان ڏئي ٿو جڏهن ته پنهنجن سمورن عملن کي جائز قرار ڏيندي نظر اچي ٿو. اهو سندس يادن جي درستگي بابت خدشا پيدا ڪري ٿو، خاص طور تي يونيورسٽي ۾ سندس دور جي حوالي سان. انهن خدشن جي باوجود، اياز جي آتم ڪهاڻي هڪ اهم دستاويز آهي بلڪل سندس ٻين ادبي شاهڪارن وانگر. هڪ ادبي ديومالا جي حيثيت سان، زندگي، موت ۽ سياست تي سندس عڪس سندس دور ۽ تجربن بابت معلومات ڏين ٿا. جڏهن ته ڪجهه پهلو بحث جوڳا ٿي سگهن ٿا. سندس لکڻي دل موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي. هڪ انتهائي اهم ادبي شخصيت جي حيثيت سان چئن جلدن تي مشتمل سندس آتم ڪٿا، اياز جو اهم ادبي ڪم ۽ ورثو آهي.