ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت جو 44 سالن جو اداڪار يوگيش مهاجن لاڏاڻو ڪري ويو، ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب ڀارتي اداڪار ڊرامه سيريل شيو شڪتي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو هو ۽ کيس شوٽنگ تي پهچڻو هو پر اهو نه آيو ۽ ان ڪري شوٽنگ نه ٿي سگهي، رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عملي اداڪار کي فون ڪالز ڪيون ته انهن تي به جواب نه آيو، جنهن تي عملو سندس گهر پهچي ويو ۽ دروازو کڙڪائڻ تي ڪوئي نه آيو ته دروازو ڀڃي اندر داخل ٿيا ته اهو مرده حالت ۾ مليو، اداڪار کي اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن هارٽ اٽيڪ سبب سندس موت جي تصديق ڪئي، يوگيش مهاجن جي اوچتي لاڏاڻي تي ڊرامه انڊسٽري ۾ سوڳ ڇانئجي ويو ۽ ڪيترين شوبز شخصيتن افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي، ياد رهي ته يوگيش مهاجن ڪيترن مشهور ٽي وي ڊرامن ۽ مراٺي فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ اهو ممبئي ۾ ئي رهائش پذير هيو.