چِنائي(شوبز نيوز) ڏکڻ ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جي مشهور اداڪارا شاليني پانڊي فلمي دنيا جي رنگيني پٺيان لڪِل سازشن تان پردو کڻندي انتهائي افسوسناڪ واقعو شيئر ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، 2017 ۾ وجي ديوراڪنڊا سان گڏ فلم ”ارجن ريڊي“ ذريعي شهرت ماڻيندڙ اداڪارا ٻڌايو ته ڪيئن هڪ سائوٿ هندي فلم جي هدايتڪار سندس ذاتي زندگي ۾ مداخلت ڪئي. هڪ انٽرويوءَ دوران شاليني ٻڌايو ” مان فلم انڊسٽري ۾ نئين هيس، ڪو به فلمي پس منظر نه هو. هڪ ڏينهن جڏهن مان پنهنجي وينٽي وين ۾ ڪپڙا بدلائي رهي هيس ته ڊائريڪٽر بنا در کڙڪائڻ جي اندر گهڙي آيو. “ هن واقعي بابت وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ” مان رڳو 22 ورهين جي هيس ۽ مون وٽ ڪو تجربو نه هو، ماڻهو سدائين چوندا هئا ته ’ميٺو ڳالهائي، ڪنهن برو محسوس ٿيڻ نه ڏيو نه ته فلمون نه ملنديون‘، پر جڏهن ڊائريڪٽر اهڙو عمل ڪيو ته منهنجو ردعمل فطري هو ۽ زور سان رڙ ڪئي.“ شاليني وڌيڪ ٻڌايو ته واقعي کانپوءِ ماڻهن کيس ڇنڊ پٽي ته کيس اهڙي رويو اختيار نه ڪرڻ گهرجي ها، پر سندس موقف هو ته ”تميز هئڻ ضروري آهي، رڳو اِهو سمجهي ته مان نئين آهيان، ان جو اهو مطلب ناهي ته ڪو به بنا اجازت اندر اچي سگهي ٿو، پوءِ مون کي سمجهه ۾ آيو ته مان اِهو قدم پنهنجي حفاظت لاءِ کنيو هو، پر ماڻهو مون کي ’ توائي باز‘ سمجهڻ لڳا.“ اداڪارا اعتراف ڪيو ته هوءَ ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ جنسي تعصب ۽ بدتميزي کي منهن ڏيڻ کانپوءِ پنهنجي حدن جو تعين ڪرڻ سکي ورتو. سندس چوڻ هو ته هاڻ هوءَ اهڙي صورتحال کي بهتر نموني سان منهن ڏيئي سگهي ٿي. شاليني پانڊي” ارجن ريڊي“ ذريعي شهرت ماڻي، جنهن کانپوءِ هن شبانه اعظمي، جيوتيڪا ۽ نيميشا ساجيان جهڙين ناليوارين اداڪارائن سان گڏ ”ڊبا ڪارٽل“ ڪارٽل“ جهڙين معياري فلمن ۾ ڪم ڪيو.