ڪراچي (انٽريسٽنگ نيوز) برطانيه ۾ نوجوان کي فائر فائٽرز کي باهه وسائيندي ڏسڻ جي جنون جيل موڪلي ڇڏيو، خبر موجب انگلش ڪائونٽي نارٿمبرلينڊ ۾ 26 سالن جي جيمس براؤن کي پنهنجي گهر کي ٻه ڀيرا باهه ڏيڻ جي ڏوهه ۾ 8 مهينا قيد ۽ 150 ڪلاڪ مفت ڪميونٽي سروس جي سزا ٻڌائي وئي آهي. براؤن عدالت ۾ اعتراف ڪيو ته هن کي فائر برگيڊ جي ڪم کي ڏسڻ جو جنون هو ۽ اهو ئي سبب هو جو هن ڄاڻي واڻي باهه لڳائي. اهو واقعو 9 سيپٽمبر 2023 جي رات نارٿمبرلينڊ ۾ پيش آيو، جتي براؤن فائر برگيڊ کي اطلاع ڏنو ته سندس گهر ۾ بجلي جي ميٽر مان شعلا نڪري رهيا آهن ۽ ڪپڙا سڙي رهيا آهن. فائر فائٽرز واقعي واري هنڌ پهچي باهه وسائي ۽ بجلي بند ڪري ڇڏي. پر صرف 90 منٽن کان پوءِ، براؤن ٻيهر فون ڪيو ۽ چيو ته بستري ۾ ٻيهر باهه لڳي وئي آهي، جيتوڻيڪ بجلي اڳ ۾ ئي بند ڪئي وئي هئي، جنهن سان شڪ پيدا ٿيو. جاچ دوران، اهو معلوم ٿيو ته براؤن گذريل 12 مهينن ۾ 80 ڀيرا فائر برگيڊ کي فون ڪيو هو ۽ هر ڀيري وڏي جوش سان انهن جي ڪم کي فلمايو هو. نوجوان کي گرفتار ڪيو ويو ۽ عدالت طرفان 8 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي وئي.