دبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي ميچن ۾ شوقينن جي دلچسپي وڌائڻ لاءِ ٽڪيٽن جي نئين ڪيٽيگري متعارف ڪرائي وئي آهي. آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پنجاهه هزار درهم وارو پئڪيج متعارف ڪرايو آهي، جنهن ۾ 4 ميچون دبئي اسٽيڊيم ۾ ڏسي سگهبيون، چار ٽڪيٽون اٽڪل 38 لک پاڪستاني رپين ۾ ملنديون. چار ئي ٽڪيٽون وي آءِ پي سوئيٽ جون آهن، املهه ٽڪيٽ پئڪيج ذريعي ڀارت جون ٽي ميچون ۽ هڪ سيمي فائنل ڏسڻ جو موقعو ملندو، اهو پئڪيج آن لائين خريد ڪري سگهجي ٿو. هڪ آن لائين ڪسٽمر وڌ کان وڌ چار ٽڪيٽون خريدي سگهي ٿو، چار ٽڪيٽون خريدڻ لاءِ ٻه لک درهم خرچ ڪرڻا پوندا، ٽڪيٽن جي قيمت هڪ ڪروڙ 52 لک پاڪستاني رپيا ٿئي ٿي.