ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ڊينو موريا چيو آهي ته انڊسٽري ۾ پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ ۽ موجودگي جو احساس ڏيارڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. ڀارتي خابرو اداري سان ڳالهائيندي 50 ورهين ڊينو موريا چيو مون کي يقين آهي ته اهو وقت ايندو، جڏهن شيون ٻيهر شروع ٿينديون، مان ماڻهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته وڏي ڪردار جي ڳولا ۾ آهيان، هن چيو ته شوبز انڊسٽري ۾ لاها چاڙها هوندا آهن، انڊسٽري ۾ اچڻ ته آسان آهي پر پاڻ کي برقرار رکڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. واضح رهي ته ڊينو موريا ”راز، گناهه، اڪثر، عشق هي تم سي، باز، پلان، دس ڪهانيان“ جهڙين فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي.