اسلام آباد(بيورو رپورٽ) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، اڄ عيد الفطر ملهائي ويندي، اسلام آباد ۾ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي پاران مختلف شهرن ۾ شاهديون گڏ ڪرڻ بعد چنڊ ڏسڻ جو اعلان ڪيو ويو، چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ٿيندي ئي شهرين جون ڊوڙون، بازارن ۾ عيد جي خريداري وڌي وئي، مردن سان گڏ عورتون ۽ ٻار به پنهنجي عيد خريداري پوري ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا.