اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سپريم ڪورٽ صدارتي ريفرنس تي راءِ ڏيڻ جي پابند آھي. ججز جي آزادي ۽ ان تي رياستي دٻاءُ ھجي ته ان ڳالھه جو جائزو وٺي سگھجي ٿو. جج جي سامھون ٻه ئي سوال ھوندا آھن ڏوھه ٿيو يا نه؟. جسٽس منصور علي شاھ چيو ته عدالتي رڪارڊ مان اھڙو مواد ڏيکاريو جنھن سان ثابت ٿئي ته ججز تي دٻاءُ ھيو يا تعصب تي فيصلو ڪيو ويو. ائين آھي ته پوءِ چيو ويندو ھر ڪيس ٻيھر کوليو وڃي. ڀٽو ريفرنس جي ٻڌڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراھيءَ ۾ 9 رڪني لارجر بينچ ڪئي. عدالتي معاون خالد جاويد چيو ته ڪيس جو ٽرائل ٻيھر نٿو کولي سگھجي. سپريم ڪورٽ ان حد تائين ضروري قرار ڏئي سگھي ٿي ته ڀٽو ڪيس غلط طريقي سان ھلايو ويو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سپريم ڪورٽ صدارتي ريفرنس تي راءِ ڏيڻ جي پابند آھي. ججز جي آزادي ۽ ان تي رياستي دٻاءُ ھجي ته ان ڳالھه جو جائزو وٺي سگھجي ٿو. عدالتي معاون موقف اختيار ڪيو ته جڏھن ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي ان وقت جي حالتن کي نظر ۾ رکڻ ضروري آھي. چيف جسٽس چيو ته اسان کي رخ کي صحيح ڪرڻ گھرجي. جيڪڏھن پارليامينٽ ڪو قانون ٺاھڻ چاھي ته ٺاھي سگھي ٿو. ٿي سگھي ٿو سوچيو ويو ھجي ان کي سزا نه ڏني ته سڀاڻي ھي پراسيڪيوٽر بڻجي اسان مٿان آرٽيڪل 6 نه لڳائي ڇڏي. اھا ڳالھه ڀٽو فيصلي ۾ ناھي پر تاريخ جو حصو آھي. جسٽس منصور علي شاھ چيو ته سپريم ڪورٽ ڀٽو ڪيس جي ميرٽ تي نٿي وڃي سگھي. منھنجي خيال ۾ عدالت ڀٽو ڪيس ۾ صرف ٽرائل شفاف ھجڻ جي حد تائين ڏسي سگھي ٿي. جيڪڏھن انصاف جون گهرجون پوريون ناهن ڪيون ويون ته ڪنھن طريقي سان سپريم ڪورٽ ھاڻي ٻيھر جائزو وٺي. عدالتي رڪارڊ تي اھڙو مواد ڏيکاريو جنھن مان ثابت ٿئي ته ججز تي دٻاءُ ھيو يا تعصب تي فيصلو ڪيو ويو. ائين ته چيو ويندو ھر ڪيس کوليو وڃي. مارشل لا نافذ ھيو. ھي ڪافي ناھي. عدالتي معاون خالد جاويد خان چيو ته جسٽس اطھر من الله جي لکيل ھڪ فيصلي ۾ چيو ويو ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ جو فيصلو درست نه ھيو. جنھن تي جسٽس منصور علي شاھه چيو ته ھي ته پوءِ ڊيڪلريشن اچي وئي. جسٽس سردار طارق مسعود چيو ته اسان ڪنھن عدالتي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ کان بغير اڳتي ڪيئن وڌي سگھون ٿا. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته لڳي ٿو جن ججز فيصلو ڏنو اھي پاڻ به متفق نه ھئا. ان ڪري ايترا تفصيلي فيصلا لکي ويا. عدالتي معاون بيريسٽر صلاح الدين دليل ڏيندي چيو ته عدالت پھرين فيصلن کي اڪثر بدلندي رھندي آھي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.