ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خوشحال، جمهوري ۽ آزاد پاڪستان جو تصور ڏنو، هن پاڪستان کي پهريون متحد آئين ڏنو، قومي دفاع کي ناقابل تسخير بڻائڻ لاءِ ايٽمي پروگرام شروع ڪيو، ڪالهه قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي 97 هين سالگرهه تي ڀيٽا پيش ڪندي هن چيو ته پورھيتن، هارين، پٺتي پيل طبقن ۽ عوام کي بااختيار بڻائڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پاڪستان جي عوام سان بي لوث عزم جو ثبوت آهي. شهيد ڀٽو پاڪستان کي مضبوط بنائڻ لاءِ قدر جوڳيون خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ صدر آصف زرداري شهيد ڀٽو ۽ شهيد بي بي جي ورثي کي ثابت قدمي سان اڳتي وڌايو آهي، پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ قوم کي درپيش مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي. هن چيو ته 18هين ترميم ذريعي وفاق کي مضبوط ڪرڻ، صوبن کي بااختيار بڻائڻ ۽ اتفاق راءِ جي سياست کي هٿي وٺرائڻ ۾ صدر آصف علي زرداري جون ڪوششون شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورثو آهن، پيپلز پارٽي جو هرهڪ ڪارڪن اڄ به قائد عوام جي نظريي تحت جمهوريت، انصاف ۽ عوامي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي.