ڄامشورو(رپورٽ: مير مرتضيٰ نوحاڻي) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورثي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو کي سندس پارٽي جي حڪومت پاڻ ئي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اداري جي آفيسرن ۽ ملازمن اهڙي فيصلي کي رد ڪندي سخت مزاحمت جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ ۾ تدريسي ڪتابن جي تياري واري اداري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو کي ڪمپني ۾ بدلائڻ جي رٿا تيار ڪئي وئي آهي، گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل گڏجاڻي ۾ تعليم کاتي جي تجويز تي مفت درسي ڪتاب مهيا ڪندڙ خودمختيار اداري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو کي ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. گڏجاڻي ۾ مالي طور پاڻڀرو هجڻ جي باوجود 1971ع کان قائم سنڌ جي اهم علمي اداري کان ڪتابن جي تياري وارا اختيار واپس وٺڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، بورڊ جي 1970ع واري آرڊريننس ۾ تبديلي ڪري ان کي ڪتابن جي ڇپائي ۽ ورڇ واري ڪم تائين محدود ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته نصاب ۽ ڪتابن جي تياري جو ڪم بيورو آف ڪريڪيوليم ڄامشوري جي حوالي ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ سرڪار جي اهڙي فيصلي کانپوءِ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن توڙي ملازمن ۾ تاءُ پکڙجي ويو آهي، انهن اهڙي فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اداري کي بند ڪرڻ واري سازش خلاف سخت مزاحمت جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي آفيسرن توڙي ملازمن جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار رڳو هڪ ڌر کي فائدو پهچائڻ لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورثي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ کي ڪمپني بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي قانوني حيثيت ۾ تبديلي ان کي تباهه ڪري ڇڏيندي،
حڪومتي فيصلي سان بورڊ ملازمن جي نوڪرين کي خطرو
ڄامشورو: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جي 150 پڪن ۽ 20 ڪچن ملازمن جي نوڪرين توڙي رٽائر ملازمن جي پينشن به خطري ۾ پئجي وڃڻ جو خدشو آهي. ملازمن چيو ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ هڪ خودمختيار ۽ پنهنجي قانوني حيثيت رکندڙ ادارو آهي، جيڪو ڪڏهن به مالي خساري جي ور ناهي چڙهيو، اداري کي بهتر بڻائيندڙ چيئرمينن کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ايوارڊن سان به نوازيو، جيڪو عمل تاريخ جو حصو آهي پر افسوس شهيدن جي پارٽي پاڻ ان تاريخي ورثي کي بند ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي. هنن چيو ته خودمختيار اداري کي هڪ يا ٻن پبلشرن حوالي ڪري ان کي ڪمپني بڻائڻ وارو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، جيڪڏهن اداري کي ڪمپني ۾ تبديل ڪيو ويو ته سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ مفت مهيا ٿيندڙ درسي ڪتاب پوءِ مهانگي اگهه تي وڪرو ٿيڻ شروع ٿي ويندا، جيڪو سنڌ جي ٻارڙن جي مستقبل سان کيڏڻ برابر هوندو، ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ سرڪار اهڙو فيصلو واپس وٺي.
|
وڏي وزير ٽيڪسٽ بڪ بورڊ کي ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي: ڊائريڪٽر آف ڪريڪيولم اسسمينٽ
ڄامشورو: ڊائريڪٽر آف ڪرڪيولم اسسمينٽ ريسرچ تصديق ڪندي چيو آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه تعليم کاتي کي هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ کي ڪمپني ۾ تبديل ڪيو وڃي ۽ ان کي صرف بڪ ڇاپڻ ۽ ورهائڻ تائين محدود ڪيو وڃي. وڏي وزير اها به هدايت ڪئي آهي ته ٽيڪسٽ بڪ (نصابي ڪتاب) ٺاهڻ جي ذميواري ڊائريڪٽر آف ڪريڪيولم اسسمينٽ ۽ ريسرچ (ڊي سي سي اَي آر) کي منتقل ڪيون وڃن.