گهوٽڪي: شهيد پوليس اهلڪار جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ايس پي گهوٽڪي منير کهڙو سميت پوليس عملدارن شهرين سياسي سماجي ڌرين جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي، بعد ۾ شهيد اهلڪار جي مڙهه کي سلامي ڏني وئي، جنهن کانپوءِ شهيد اهلڪار جي مڙهه کي خانپور مهر جي اباڻي ڳوٺ ڀيٽور نيو ويو ته سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، شهيد اهلڪار شادي شده هو.