بدين(رپورٽر) بدين ۾ شهيد جنرل هوش محمد شيدي جي 182هين ورسي شاندار نموني سان ملهائي وئي، ورسي ۾ شيدي برادري جي ڀرپور شرڪت، مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جا نعره هنيا ويا، شهيد هوش محمد شيدي سميت پاڪ فوج جي سمورن شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي، قومي ترانو پڻ ڳايو ويو، ھڪ نجي هال ۾ رکيل ورسي جي تقريب ۾ خاص مهمان طور سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار تنزيلا قمبراڻي شرڪت ڪئي، جڏهن ته شيدي ايڪٽو جماعت سنڌ جي قيادت سميت الحبش شيدي جماعت خيرالخلق فائونڊيشن، لاسي اتحاد ٺٽو ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي به ڀرپور شرڪت ڪئي، شيدي ايڪٽو جماعت سنڌ جي مرڪزي صدر ذوالفقار شام پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان جو مشن برادري کي متحد ڪرڻ، اجتماعي سوچ کي هٿي ڏيڻ ۽ شهيد هوش محمد شيدي جي قربانين کي نسل در نسل منتقل ڪرڻ آهي، هن چيو ته جيڪڏهن هن ڀارتي جارحيت جي موقعي تي ملڪ تي اگر ڪو وقت آيو ته شيدي برادري جو هر فرد “مرسون مرسون، پاڪستان نه ڏيسون” جو نعرو هڻي ملڪ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندو، ساگر شيدي چيو ته شيدي نوجوانن ۾ شعور، عزت، اتحاد ۽ تعليم جي اهميت اجاگر ڪري رهيا آهيون. تقريب کي شهنيلا شاهد قمبراڻي، محمد حنيف لاسي، ساگر شيدي، علي نواز شيدي، اياز دانش، رحيم بخش، عبدالرشيد قمبراڻي، مير محمد شيدي، محمد هاشم قمبراڻي، ناٿو خان شيدي، حاجي اعجاز خلاصي، عبدالجبار قمبراڻي، امتياز نوراني ۽ ٻين شهيد هوش محمد شيدي جي زندگي، جدوجهد ۽ بهادري تي روشني وڌي، تقريب ۾ شيدي برادري جي ٻارن پاران قومي ٽيبلوز، تقريرون ۽ شاعراڻو اظهار پيش ڪيو ويو، صوبائي صلاحڪار تنزيلا قمبراڻي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته شيدي برادري جو فخر، شهيد جنرل هوش محمد شيدي، اسان جي قومي سڃاڻپ آهي، جنهن جي ياد کي زنده رکڻ اسان سڀني جو قومي فرض آهي. جڏهن ته نامياري فنڪار عابد فقير قومي گيت ڳائي محفل کي جهومائي ڇڏيو.