بدين/گولاڙچي/ڪڙيو گهنور/کورواهه (رپورٽ: شفيع محمد جوڻيجو/مهر دين مري/ عبدالرسول سمون/مخدوم ابراهيم) راهوڪي ۾ شهيد فاضل راهو جي 38 هين ورسي ملهائي وئي، مزار تي حاضري، شاندار جلسو، سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺهڻ نه ڏينداسين، سنڌ جا ماڻهو فاضل بڻجي جهدوجهد ڪندا، اهڙو اظهار ورسي تقريب ۾ شريڪ اڳواڻن خطاب ڪندي ڪيو، خبر موجب بدين ضلعي جي شهر راھوڪي ۾ سنڌ جي مشھور ھاري ۽ پورھيت اڳواڻ شھيد فاضل راهو جي 38 ھين ورسي ملھائي وئي، ورسي جي مک تقريب کان پھرين پ پ پ ايم پي اي ۽ شھيد فاضل راهو جي وڏي پٽ اسماعيل راھو ، اسلم راھو ۽ يادگار ڪاميٽي جي اڳواڻن شھيد فاضل جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي، بعد ۾ شھيد فاضل راھو جي مزار ڀرسان ھڪ وڏي عوامي جلسي کي پ پ پ سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه خطاب ڪندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم کي پ پ پ پنھنجي عوامي سگھه سان رد ڪرايو، جيڪي 50 ماڻھو روڊن تي آڻي پ پ پ ۽ صدر زرداري خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا ڪن پيا، اھي سنڌوءَ تي ڌاڙو ھڻندڙ وفاق خلاف ڇو نه ٿا ڳالھائين؟ ھن چيو ته پ پ پ سنڌ جي پاڻي جو سودو نه ڪيو آھي، پ پ پ سنڌو درياهه تي ٺھندڙ ڪئنالن جي آئيني فورمن تي سرعام مخالفت ڪري پئي، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي وارو منصوبو رد نه ڪيو ويو ته پ پ پ ڀرپور عوامي سگھه سان روڊن تي اچي احتجاج ڪندي، پ پ پ ايم پي اي اسماعيل راھو خطاب ڪندي چيو ته ڪئنال سنڌ کي بنجر بڻائڻ واري رٿا آھن، ان کي اسان ھرحال ۾ رد ڪريون ٿا، هن وڌيڪ چيو ته شھيد فاضل راھو پنھنجي سڄي زندگي غريبن، پورھيتن ۽ ھارين جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ۾ گذاري، ايم اين اي حاجي رسول بخش چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته شھيد فاضل راھو ۽ پ پ پ جي عوامي سياست جو محور ملڪ جي غريب عوام جي خدمت ڪرڻ ھو ۽ آھي، اڳوڻي شاگرد اڳواڻ مصطفيٰ سھاڳ خطاب ڪندي چيو ته شھيد فاضل سراپا مزاحمت ھو، ڪئنالن خلاف سنڌ جا ماڻھو فاضل بڻجي جدوجھد ڪندا، تقريب پ پ پ ايم پي اي مير الھه بخش ٽالپر، تاج محمد ملاح، پ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر سجاد چانڊيو، اسلم راھو، شھناز راھو، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، خليل قاضي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو، ٻئي طرف شھيد  فاضل راھو جي ورسي جي موقعي تي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پنھنجي جاري ڪري بيان ۾ چيو آھي ته شھيد فاضل راھو کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو، شھيد فاضل راھو مزاحمت جي علامت ھو ۽ ھارين جي حقن جو علمبردار ھو، سندس غير معمولي ڪردار کي آئون سلام پيش ڪريان ٿو، ٻئي طرف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي وفد پڻ مرڪزي اڳواڻ سانول گوپانگ، حسين درس، رشيد گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد فاضل راھو جي مزار تي چادر چاڙھي سلامي پيش ڪئي.