ڪڙيوگهنور(ن پ ا) ڪڙيوگهنور مشھور ھاري اڳواڻ شھيد فاضل راھو جي وني ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ ايم پي اي محمد اسماعيل راھو، گولاڙچي جي اڳوڻي تعلقه ناظم  محمداسلم راھو، سليم راهو، فياض راهو ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي پھرين صدر شھناز راھو جي امڙ طويل علالت بعد ڪراچي ۾ وفات ڪري وئي آھي، جنھن جي جنازي جي نماز  ڪالهه اڱاري ڏينھن 10 وڳي ڪڙيوگهنور ڀرسان شهيد فاضل راهو جي جنم ڀومي راھوڪي ۾ ادا ڪئي ويئي، جنازي نماز ۾  پ پ جي ضلعي قيادت صدر اصغر هاليپوٽو، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر سجاد چانڊيو، حاجي عبدالغفور ميمڻ، حاجي محمد سمون، عرفان گجر کانسواءِ مائٽن  سياسي سماجي اڳواڻن عام ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ٻئي طرف پيپلز پارٽي سنڌ جو ترجمان سينيٽر عاجز ڌامراهه ڪڙيوگهنور لڳ راهوڪي پهتو، جتي هن اسماعيل راهو ۽ سندس خاندان سان والده جي وفات تي تعزيت ڪئي، ان موقعي تي ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح، سيٺ ڏيال چند آڏواڻي، وڏيرو خدا ڏنو سمون ۽ ٻين به تعزيت ڪئي، جڏهن ته اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ ايم پي اي محمد اسماعيل راهو ۽ ٻين پ پ جي اڳواڻن سياسي سماجي قوم پرست اڳواڻن شهرين سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.