مٺي( رپورٽر ) مٺي ۾ صحافي برادري پاران شھيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاء وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جي سڏ تي لالا رحمان سمون، اقبال ملاح، ممتاز نهڙيو، امتياز ڌاراڻي، جئه پرڪاش موراڻي، کاٽائو جاني، ساجد بجير، غازي نهڙيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قاتل گرفتار نه ڪرڻ خلاف نڪتل احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻي ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي سمورن شھرن جي صحافين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي، صحافين جي احتجاجي ريلي ۾ شريڪ صحافين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن شھر جو گشت ڪرڻ بعد ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، صحافين جي احتجاج ۾ پ پ پ جي نند لال مالهي ۽ ساگر سميجو، پي ٽي آءِ وڪيل لجپت سوراڻي، عوامي تحريڪ اوڀايو جوڻيجو، ايس ٽي پي گهنشام مالهي، جماعت اسلامي سبحان سميجو، قومي عوامي تحريڪ زاهد گل اوٺو ، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن جي غلام مصطفيٰ هڱورجو، واپاري ايسوسئيشن مٺي جي ڪمليش ڪمار، سندر شام، صحافين اشوڪ شرما، مبارڪ بجير، محمد علي مريداڻي سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته شھيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ حڪمرانن جي نااهلي ۽ پوليس جي ڳٺ جوڙ جو نتيجو آھي.