ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وطن يا ڪفن آزادي يا موت جو نعرو هڻندڙ شهيد سنڌ سورهيه بادشاهه جي 82هين ورسي ملهائي وئي، ٽنڊوآدم ۾ نيو علي ڳڙھ بوائز ڊگري ڪاليج پاران سورهيه بادشاھ جي 82 ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي جتي پرنسپل پروفيسر محمد مبين وساڻ ۽ ٻين سروهي بادشاهه کي ڀيٽا پيش ڪئي، ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ جيئندو ڪيريو ۾ فقير بشير ڪيريو، فقير ارشاد ڪيريو، خليق الرحمان ڪيريو، راڻا مظھر اقبال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد سورھيـ بادشاھ جي 82ھين ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ سندس تصوير آڏو ڏيئا ٻاري گل نڇاور ڪري زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو، شاهپورچاڪر ۾ ورسي جي موقعي تي پريس ڪلب ۾ سيمينار ٿيو، چوٽياريون ۾ ڳوٺ حيسب راڄڙ ۾ منعقد ٿيل ورسي تقريب ۾ حرجماعت جي فقير وارث راڄڙ، فقير علي اڪبر جوڻيجو، مشتاق شاھ، عاجز اعجاز راڄڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جروار ڀرسان تاريخي حرن جي لوڙھي تي سورھيه بادشاھ جي ورسي ملھائي وئي، جتي فنڪشنل ليگ جا ڪارڪن ۽ حر فقيرن فقير غلام رسول، فقير عيسيٰ بوزدار، فقير جان محمد مھر لوڙھي جي آثارن تي پھچي سورھيه بادشاھ کي ڀيٽا ڪئي، کپرو ۾  مختلف قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن، شھرين ۽ حر جماعت جي ماڻهن شهيد سورھيه بادشاهه چوڪ تي ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي، سنڌڙي ۾ سورھيه بادشاهه جي 82 يوم شھادت جي موقعي تي شاگردن، استادن شير محمد درس،  ڊاڪٽر عزيز ڪانھيون، ڊي ايم مھر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، عمر ڪوٽ ۾ سورهيه بادشاهه جي ياد ۾ پريس ڪلب هال ۾ ڪانفرنس ٿي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شهيد سُورهيه بادشاهه جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، ڇو ته هن پنهنجي جان جو نذرانو ڏيئي قوم جي آزادي حاصل ڪئي، هنن سرڪار کان مطالبو ڪيو ته شهيد سُورهيه بادشاهه جي شهادت جي ڏهاڙي تي عام موڪل جو اعلان ڪيو وڃي.