مورو(ن پ ا) شهيد عرفان ۽ زاهد لغاري جي وارثن وڪيلن، صحافين ۽ اڳواڻن کان قانوني مدد گھري ورتي آهي. ان ڏس ۾ مورو واقعي ۾ شھيد عرفان لغاري جي ڀيڻ پنھنجي ڳوٺ لغاري بجاراڻي کان ميڊيا بيان جاري ڪندي چيو آھي ته سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ تحت زمينن جي والار خلاف ھلندڙ جدوجھد ۾ منھنجو ڀاءُ عرفان لغاري ۽ زاھد لغاري شھيد ٿيا ۽ دلبر لغاري جي ٽنگ ڪٽجي وئي. ڪيترائي ماڻھون زخمي ٿيا ۽ پنجاھه کان مٿي ماڻھن کي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آھي، اڄ 28 ڏينھن گذرڻ باوجود ڪيترائي ماڻھون ڪورٽ ۾ پيش ناھن ڪيا ويا. ڳوٺ واسين تي پنج مورو ٿاڻي تي ۽ چار سنڌ جي مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، اسان جي ڳوٺ جي مخلتف رستن تي پوليس اڃا تائين بيٺل آھي. اسان جي شھيد عرفان ۽ زاھد لغاريءَ توڙي زخمين جو ڪيس داخل ناھي ڪيو ويو. اھڙي صورتحال ۾ اسان سموري سنڌ جي سياسي اڳواڻن، قومپرستن، وڪيلن صحافين کي سياسي اخلاقي قانوني مدد جي اپيل ڪريون ٿا، جنھن ۾ مقصود علي ڊومڪي، اياز حسين قمي، سيد زين شاھه، پير سائين پاڳارو، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو، ڊاڪٽر قادر مگسي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، اياز لطيف پليجو سميت سڀني کان قانوني مدد جي اپيل ڪريون ٿا.