لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو) اسلامي دنيا ۽ ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 17 هين ورسي اڄ 27 ڊسمبر تي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي، جنهن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نئون ديرو هائوس ۾ موجود آهي، جڏهن ته صدر پاڪستان آصف علي زرداري سندس نياڻي آصفه ڀٽو زرداري، صنم ڀٽو فريال ٽالپر، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سميت پيپلز پارٽي جا مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻ اڄ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي تقريب ۾ شرڪت لاءِ نئون ديرو هائوس پهچي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي سندس 17 هين ورسي جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ شهيدن جي مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتح خواني ڪندا، ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسي عام ڪوٺايو ويو آهي، جنهن کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري سميت پ پ جا مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻ خطاب ڪندا. هوڏانهن ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ کان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ورسي جي شروعات صبح جي وقت قرآن خواني سان ڪئي وئي، بعد ۾ منجهند 2 وڳي پيپلز ڪلچرل ونگ طرفان شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي سندس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مشاعرو ڪوٺايو ويندو، ورسي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪندي سيڪيورٽيءَ لاءِ 8500 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو ، جن ۾ 34 ايس ايس پيز، 3 اي ايس پيز، 82 ڊي ايس پيز، 160 انسپيڪٽر، 370 سب انسپيڪٽر، 680 اي ايس آئيز، 850 هيدڪانسٽيبل،5421 پوليس اهلڪار، 500 ايس ايس يو، 200 ايس ايس يو، 700 ٽريفڪ ۽ ليديز اهلڪارن سميت ڪمانڊوز پنهنجون فرائض سرانجام ڏيندا. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ 200 کان وڌيڪ سي سي ٽي وي ڪئمرائون، 80 کان وڌيڪ واڪ ٿرو گيٽس ۽ ميٽلڊ ڊڪيٽر لڳائي بم ڊسپوزل عملي کي پڻ الرٽ رکيو ويو آهي.