نئون ديرو(ن پ ا) شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي نياڻي ايم اين اي آصفه ڀٽو زداري پنهنجي ماسي صنم ڀٽو سان گڏجي ڳڙھي خدا بخش ڀٽو پھچي شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو، شاھنواز ڀٽو جي ٻين جي مزارن تي حاضري ڀري گل نڇاور ڪري فاتح خواني ڪري دعا گهري، ايم اين اي آصفه ڀٽو زرداري ۽ صنم ڀٽو شهيدن جي مزارن سامهون ڪيترو ئي وقت ويهي پاڪ ڪتاب جي تلاوت پڻ ڪئي، آصفه ڀٽو زرداري ۽ صنم ڀٽو جي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچڻ کان اڳ مزار کي عام ماڻهن کان مڪمل طور خالي ڪرائي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا.