واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا جي گادي واري ھنڌ واشنگٽن ۾ پيپلز پارٽي جي مقامي قيادت پاران شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي 70 هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو,جيئي شهيد راڻي محترمه بينظير جا نعرا هنيا ويا،  اڳواڻن صفي الله سومرو- جاويد بڙدي- نياز شر- جھانزيب آخوند ء ٻين ڪارڪنن ء عھديدارن ڪيڪ ڪٽيو.محترمہ بينظير ڀٽو جي 70 هين جنم ڏينهن جي موقعي تي صفر سومرو ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ محترمہ بينظير دنيا جي عظيم ليڊر هئي هن دنيا ۾ پاڪستان ۽ عوام جو نالو روشن ڪيو.محترمہ غريب بي سهارن جي مدد ڪئي هن  پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو،جنهن کي اسان جو سرخ سلام آهي- ڏکڻ ايشيا کان ھڪ روشن خيال جمھوريت پسند – اڳواڻ کسي خطي کي انتھاپسندن حوالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي- جيڪا آصف علي زرداري – بلاول ڀٽو زرداري پنھنجي ويزن سان – عوامي حمايت سان- تنظيمي سگھ سان ناڪام بڻائي آھي وئي.