لاڙڪاڻو/ ڪراچي( نمائندن وٽان) پيپلز پارٽي طرفان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 45 هين ورسي جي مناسبت سان اڄ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ عام جلسو ٿيندو، جنهن کي صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد شاهه، پ پ جا مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻ خطاب ڪندا، جلسي جي حوالي سان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزار اڳيان گرائونڊ تي اسٽيج تيار ڪري ان کي پارٽي جهنڊن ۽ پارٽي اڳواڻن جي تصويرن سان سينگاري سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، ورسي جي موقعي تي 8 هزار پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 27 ايس ايس پيز، 6 اي ايس پيز، 82 ڊي ايس پيز، 140 انسپيڪٽرز، 250 اي ايس آئيز، 720 جمعدار، 4965 پوليس اهلڪار، 300 ليڊيز اهلڪار، 700 ٽريفڪ اهلڪار، 200 ايس ايس يو اهلڪار شامل آهن، ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾56 واڪ ٿرو گيٽس سان گڏ سي سي ٽي وي ڪيميرائون لڳايون ويون، سمورن سيڪيورٽي انتظامن جي نگرانيءَ لاءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پوليس طرفان خاص ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويو آهي ٻئي پاسي جلسي جي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ رات دير سان ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهتو، جتي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کيس بريفنگ ڏني، ٻئي طرف ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي انتظامن بابت مزار ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، وڏي وزير چيو ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ڪارڪن وڏي انگ ۾ اچن ٿا، اڄ برسات جو پڻ امڪان آھي، انھي ڪري جلسي دوران لڳل سائن بورڊن جو ٻيھر جائزو ورتو وڃي، ھن چيو ته ھر سال 4 اپريل تي ورسي ملھائيندا آھيون، ھن ڀيري رمضان ڪري جلسو 14 اپريل تي ٿي رهيو آهي