نئون ديرو/لاڙڪاڻو(نمائندن وٽان) پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني قائد ۽ پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46هين ورسي پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان (اڄ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ورسي جي موقعي تي مزار سامهون وڏو اسٽيج ۽ جلسي گاھه تيار ڪيو آهي، اسٽيج کي قائدين جون قدآور تصويرون سان سينگاريو ويو آهي. ورسي جي شروعات پيپلز پارٽي پاران صبح جو نائين وڳي قرآن خوانيءَ سان ڪئي ويندي. جنهن بعد اجتماعي دعا گهري لنگر تقسيم ڪي ويندو. 4 وڳي جلسي جي شروعات ٿيندي، جنهن ۾ حمد و نعت ۽ محفل مشاعرو ڪيو ويندو، جنهن ۾ ملڪ جا ناليوارا شاعر پنهنجي شاعريءَ ذريعي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندا، 6 وڳي جلسي عام جي شروعات ڪئي ويندي، جنهن کي پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، گورنر ڪي پي ڪي فيصل ڪريم ڪنڊي، وزير اعليٰ مراد علي شاهه، پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو سميت مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻ جلسي کي خطاب ڪندا. ھوڏانھن ورسي تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان پارٽي ڪارڪن ۽ جيالا قافلن جي صورت ۾ ڳڙھي خدا بخش ڀٽو پھچڻ شروع ٿي ويا آهن. ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۽ نئون ديرو هائوس ٻاهران توڙي اندر سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪندي 8 هزار 500 کان وڌيڪ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ 30 ايس ايس پيز، 4 اي ايس پيز، 60 ڊي ايس پيز، 140 انسپيڪٽرز، 366 اي ايس آئيز، 690 هيڊڪانسٽيبل، 5600 پوليس ڪانسٽيبل، 300 ليڊيز ڪانسٽيبل، 200 ايس ايس يو اهلڪار، 200 آر آر ايف، 700 ٽريفڪ اهلڪار شامل آهن. ان کان علاوه رينجرز، سي ٽي ڊي جي ٽيمن کي مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ورسي جي سيڪيورٽي لاءِ هڪ هزار کان وڏيڪ پارٽي جا جانثار پڻ سيڪيورٽي جا فرض نڀائيندا. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسي گاھه اندر توڙي ٻاهر مختلف ھنڌن تي 80 کان وڌيڪ واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا آهن. جتان جهڙتي وٺڻ بعد جلسي گاهه توڙي مزار طرف ڇڏيو ويندو. جڏهن جلسي گاهه ۽ مزار اندر سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳايون ويون، سمورن سيڪيورٽي انتظامن جي نگرانيءَ لاءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پوليس طرفان خاص ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويو آهي.