شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 96 هين سالگرا جي موقعي تي سنڌ ۾ تقريبون

0
60
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 96 هين سالگرا جي موقعي تي سنڌ ۾ تقريبون
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 96 هين سالگرا جي موقعي تي سنڌ ۾ تقريبون

ڪراچي (نمائندن وٽان) ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 96 هين سالگرا جي موقعي تي سنڌ ۾ تقريبون، ڳڙهي خدابخش ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي لاءِ قران خواني

 آصفه ڀٽو زرداري ۽ صنم ڀٽو ڳڙهي خدابخش پهچي شهيدن جي مزار تي حاضري ڀري، آصفه ۽ صنم ڳڙهي خدابخش ۾ اکين جي مفت طبي ڪيمپ جو دورو به ڪيو، آصفه ڀٽو زرداري طبي ڪيمپ ۾ ٻارڙن کي بيمارين کان بچاءَ جا ڦڙا به پياريا

 پاڪستان لائيرز فورم حيدرآباد پاران شهيد ذوالفقار ڀٽو جي سالگرا تقريب منعقد ڪئي وئي، اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ ٻين جي شرڪت، هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد ۾ تقريب دوران سالگرا جو ڪيڪ به ڪاٽيو ويو

 ڪراچي ۾ پيپلز لائيرز فورم جي سالگرا تقريب ۾ ميئر مرتضيٰ وهاب، وقار مهدي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي

مرتضيٰ وهاب ۽ وقار مهدي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، ملڪ کي پهريون آئين ڏنو، سپريم ڪورٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو  سان انصاف ڪندي کيس ٻڌايل سزا کي غلط قرار ڏئي