اسلام آباد(بيورو رپورٽ) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي صدر آصف علي زرداري جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته شهيد ڀٽو هڪ عظيم مفڪر، جرئتمند اڳواڻ ۽ عوام جو سچو نمائندو هو، پاڪستان کي ترقي، آزادي ۽ عوامي ڀلائي جي راهه تي گامزن ڪيو. هن چيو ته شهيد ڀٽو مزدورن، هارين ۽ مظلوم طبقن کي حق ڏنا، انهن کي بااختيار بڻايو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قدمن جي ڪري تعليم، صنعت ۽ دفاعي شعبن ۾ نمايان ترقي ٿي. آصف زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن کي جاري رکنداسين، پاڪستان جي خودمختياري، جمهوريت ۽ عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندا سين، اڄ واري ڏينهن عهد ڪريون ٿا ته اسان پاڪستان کي شهيد ڀٽو جي ويزن مطابق ترقي يافته، آزاد ۽ عوام دوست ملڪ بڻائينداسين.