تاريخ ۾ اهڙا فرد ۽ اڳواڻ ايندا آهن، جيڪي وقت ۽ حالتن جي سرحدن کي پار ڪري تبديلي ۽ ويزن جا آئيڪن بڻجي ويندا آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به اهڙو ئي هڪ عظيم اڳواڻ هو، جنهن جو نالو پاڪستاني سياسي تاريخ جي صفحن ۾ گونجندو آهي. 1928ع ۾ سنڌ جي خوشحال زمين ۾ پيدا ٿيندڙ ڀٽو پنهنجي شروعاتي زندگي ۾ هر اهو سُک ڏٺو، جيڪو ان وقت ممڪن هو، پر تعليم ۽ دنيا جي تجربن کيس هڪ اهڙو رستو ڏيکاريو، جيڪو ان کي پاڪستان جي تاريخ جي اهم ترين سياسي اڳواڻن ۾ شامل ڪري ويو.
ڀٽو پنهنجي سياسي زندگي جي شروعات اعليٰ تعليم ذريعي ڪئي، هن يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا، برڪلي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي، جتي کيس حڪمراني، معاشيات ۽ سماجي انصاف جي نئين تصورن سان روشناس ڪرايو ويو. پاڪستان واپسي تي هن سياست ۾ قدم رکيو ۽ 1967ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو، سندس اعليٰ قيادت ۽ پاڪستان جي پيچيده مسئلن تي گهري نظر کيس عوام، خاص طور تي ٻهراڙي ۽ هيٺئين طبقي جو پسنديده اڳواڻ بڻائي ڇڏيو، جيڪي ان وقت بنيادي حقن کان محروم هئا.
ڀٽو جو ويزن هڪ ترقي پسند، خودمختيار ۽ برابر جو پاڪستاني معاشرو ٺاهڻ جو هو، اهو ويزن ان جي مشهور نعري ”اٽي، لٽي ۽ اجهي“ ۾ واضح نظر اچي ٿو. پنهنجي حڪومتي دور ۾ هن زرعي سڌارن ۽ اسٽريٽجڪ صنعتن جي نيشنلائيزيشن ڪئي. هو رڳو هڪ سياستدان ئي نه پر هڪ مدبر به هو، جنهن پاڪستان کي مسلم دنيا جو اڳواڻ ۽ عالمي سطح تي هڪ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي راهه ڏيکاري. هن اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي هڪ نئين دور ۾ وٺي وڃڻ ۾ مدد ڏني.
1971ع کان 1977ع تائين جو ڀٽو جو دور پاڪستان جي تاريخ جو هڪ اهم ۽ تبديل ڪندڙ دور سمجهيو ويندو آهي. وزيراعظم طور هن ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي ڍانچي کي تبديل ڪري ڇڏيو. ان جا عوامي ڀلائي جا منصوبا غريب ۽ مظلوم طبقي جون دليون کٽڻ ۾ ڪامياب رهيا. ڀٽو هڪ خودمختيار، ترقي پسند پاڪستان جو نظريو پيش ڪيو، جنهن جاگيردارن، فوجي اشرافيه ۽ سيڙپڪارن جي مفادن کي چيلينج ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ان جا مخالف پيدا ٿيا.
1977ع ۾، جڏهن ان جي جماعت عام چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، فوج جنرل ضياءُ الحق جي قيادت ۾ سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو، ڀٽو کي هڪ تڪراري ڪيس ۾ قتل جي سازش جي الزام ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي ۽ 4 اپريل 1979ع ۾ ڦاهي ڏني وئي. اهو واقعو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ المناڪ ۽ تڪراري باب هو.
پر، توڙي جو ڀٽو هڪ المناڪ انجام سان شهيد ٿيو پر ان جي ميراث ان سان گڏ دفن نه ٿي، انصاف ۽ جمهوري پاڪستان جو ان جو خواب سندس ڌيءُ، شهيد بينظير ڀٽو جي صورت ۾ جيئرو ٿي ويو. بينظير پنهنجي والد کي ظالماڻي طريقي سان موت جي گهاٽ ۾ لهندي ڏٺو، جلد ئي هوءَ پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم بڻجي وئي، ان جي قيادت پنهنجي والد جيان همت، بهادري ۽ جمهوريت سان گهري وابستگي جو مظهر هئي.
بينظير ڀٽو جي سياسي زندگي قاتلاڻي حملن جي ڪوششن ۽ جلاوطني جي ڀوائتن واقعن سان ڀريل رهي پر 1990ع جي ڏهاڪي ۾ بينظير جي واپسي حقيقت ۾ ان جي والد جي سياسي فلسفي جي تجديد هئي. 2007ع ۾ ان جي قتل کانپوءِ سندس مڙس آصف علي زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي جو صدر بڻيو ۽ پاڪستان جو صدر منتخب ٿيو. ملڪي قيادت دوران ڪيترائي مسئلا پيش آيا پر وقت گذرڻ سان اهو برداشت جو امتحان ثابت ٿيو ۽ صدر زرداري ئي ڀٽو جي ميراث جو حامي بڻيل رهيو.
ڀٽو جي ميراث اڄ به بلاول ڀٽو زرداري جي صورت ۾ زنده آهي، جيڪو پاڪستان جي سڀ کان اهم سياستدانن مان هڪ آهي. پيپلز پارٽي چيئرمين طور بلاول ڀٽو پارٽي کي ٻيهر فعال ڪرڻ ۽ ملڪي سياست ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪم ڪيو آهي. پاڻ هڪ نوجوان سياستدان هجڻ جي ناطي، بلاول پنهنجي ناني ۽ ماءُ جي نظرين کي جاري رکندي پاڪستان کي جديد دور جي ضرورتن موجب ترقي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
اهو رڳو سياسي ڪاميابي جو معاملو ناهي پر ان وڏي تبديلي جو حصو آهي، جنهن جو خواب ڀٽو پاڪستان لاءِ ڏٺو هو. ان جو ويزن هڪ ترقي پسند، جمهوري ۽ منصفاڻو معاشرو هو. ڪيترن ئي پاڪستانين لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انصاف، انساني حقن ۽ مظلوم عوام جي نمائندگي لاءِ هڪ روشن علامت رهندو. هر ناڪامي ۽ سانحي باوجود جمهوريت لاءِ ان جو مضبوط موقف نه رڳو ان جي خاندان پر لکين پاڪستانين لاءِ تحريڪ جو ذريعو بڻيو.
معروف تاريخدان اسٽينلي وولپرٽ لکي ٿو: پاڪستان جي تاريخ ۾ ڀٽو خاندان جي ويزن ۽ ماڻهن کي متاثر ڪرڻ جي صلاحيت جو ڪو ثاني ناهي. هي هڪ جرئتمنداڻو بيان آهي، جيڪو ڀٽو خاندان جي پاڪستان جي سماجي ۽ سياسي زندگي ۾ اهميت کي واضح ڪري ٿو. سمورين آزمائشن ۽ ڏکيائين باوجود ڀٽو خاندان هميشه اميد، ترقي ۽ جمهوريت جي علامت جي طور تي قائم رهيو. ڀٽو جي ميراث انصاف، برابري ۽ آزادي جي اصولن تي ٻڌل آهي ۽ ايندڙ نسلن لاءِ پاڪستان جوڙڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.