شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ

0
43

سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ، شڪارپور پوليس چيو آهي ته جوابدار شيرل عرف شيرو مهر مقابلي ۾ مارجي ويو، پوليس موجب رستم ۽ پنوعاقل جي ڪچي ۾ آپريشن دوران ڊرون حملي ۾ صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس جو مک جوابدار شيرو مهر مارجي ويو، شيرو مهر جو پٽ گلڻ مهر ۽ سندس گهرواري زخمي، آپريشن دوران پوليس آفيسرز ۽ اهلڪارن جي  شهادت ۾ ملوث مک جوابدار نصر قادراڻي جتوئي، سرور  جتوئي ۽ سندن ساٿي به زخمي ٿي پيا، ڪچي ۾ آپريشن جاري، 2 سال اڳ سينيئر صحافي جان محمد مهر کي سکر شهر ۾ هٿياربندن  حملو ڪري قتل ڪيو هو